Ham Q Nahi Badltay

Book Name:Ham Q Nahi Badltay

جي عظيم سعادت حاصل ٿي۔ چپ مُبارڪ چُرڻ لڳا ۽ رحمت جا گل وسڻ لڳا ۽ مٺا لفظ ڪجھ هن طرح سان مرتب ٿيڻ لڳا؛ جيڪو هن مهيني روزانو پابندي سان مدني انعامات جي متعلق غوروفڪر ڪندو الله پاڪ ان جي مغفرت فرمائيندو۔

مِرے تم خَواب میں آؤ،مِرے گھر روشنی ہوگی            مِری قسمت جگا جاؤ،عِنایت یہ بڑی ہوگی

مجھے گَر دِید ہوجائے،تو میری عِیْد ہوجائے                       تِرا دِیدار جب ہوگا، مجھے حاصِل خوشی ہوگی

میں بَن جاؤں سَراپا ”مَدَنی اِنْعَامات“ کی تَصویر              بَنُوں گا نیک یااللہ اگر رَحمت تِری ہوگی

                                                                                 (وسائل ِبخشش مُرَمَّمْ،ص۳۹۱-۳۹۳)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

ٽيون سبب بُري صحبت

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو!  مشهور چوڻي آهي ماڻهو ٻئي ماڻهوءَ کي ڏسي ان جهڙو ڍنگ اختيار ڪندو آهي. اڄوڪي دور ۾ اسان جي معاشري ۾ گناهن جي وڌڻ، پنهنجي اصلاح جي فڪر نه هئڻ ۽ نيڪين ۾ دل نه لڳڻ ۽ موت کان غافل ٿيڻ جو هڪ سبب بُرا دوست به آهن، ڇوته جڏهن اسان جي دوستي (Friendship) اهڙن ماڻهن سان هوندي جن کي نه پنهنجي آخرت جو ڪو فڪر آهي ۽ نه ٻين جو، ته انهن جي صحبت ۾ رهي اسان تي به اهو ئي رنگ چڙھندو ۽ ائين ئي اسان پنهنجي اصلاح کان غافل ٿي پنهنجي قيمتي وقت کي فضوليات ۾ گذارينداسين۔

   ياد رکو! بُري صحبت انسان کي برباد ڪري ڇڏيندي آهي، بُرن ماڻهن جي صحبت ۾ ويهڻ ڄڻ ته آفتن، بلائن ۽ مصيبتن جي دروازي کي کوليندو آهي۔ ٭ بري صحبت نمازن کان دور ڪري سگهي ٿي. ٭ بري صحبت گناهن جي دلدل ۾ ڌڪي سگهي ٿي. ٭ بري صحبت ماءُ پيءُ جي خدمت کان محروم ڪري سگهي ٿي. ٭ بري صحبت ٻين جي لاءِ تڪليف جو سبب بڻجڻ سان گڏ جهڳڙي جو سبب به بڻجي سگهي ٿي. ٭  بري صحبت  قتل ۽ غارتگيري جو سبب بڻجي سگهي ٿي. ٭  بري صحبت چوري. ڌاڙي، ڦرلٽ، جهڙن غلط ڪمن ۾ڦاسائي سگهي ٿي. ٭ بري صحبت نشي ۾ مبتلا ڪري سگهي ٿي. ٭ بري صحبت حرام مال ڪمائڻ تي مجبور ڪري سگهي ٿي. ٭ بري صحبت