Ham Q Nahi Badltay

Book Name:Ham Q Nahi Badltay

دل جي سختيءَ جو سبب بڻجي سگهي ٿي.! جي ها! جيڪڏهن اسان غور ڪيون ته اسان جي زندگي ۾ ڪيترا زلزلا آيا، ڪيترا سيلاب آيا جن ۾ هزارين، لکين، موت واقع ٿيا، اسان جي دل جي سختي ڪيتري قدر وڌي چڪي آهي جو زلزلي جي جهٽڪن سان به اسان بيدار نه ٿي سگهياسين، زلزلي ۽ سيلاب ۾ موت جو شڪار ٿيڻ وارا ڄڻ اسان کي پيغام ڏئي ويا ته اي اسان جي موت تي صرف تبصره ڪرڻ وارؤ! عبرت جي نگاھ سان ڏسو، عنقريب توهان کي به موت جو جام پيئڻو آهي، توهان کي به موت جو مزو چکڻو آهي، توهان کي به موت جي دروازي مان گذرڻو آهي، آخر ڪهڙي خوش فهمي ۾ مبتلا آهيو، جاڳو اڃان وقت آهي!!! پر بري صحبت ۽ گناهن جي دلدل ۾ ڦاسڻ جي ڪري اسان عبرت حاصل نٿا ڪيون، اسان زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪرڻ تي گهر کان ڪنهن ميداني علائقي جي طرف ته ڀڄندا آهيون، پر ڇا ڪڏهن اسان غور ڪيو ته زلزلي جي خوف کان سچي توبه ڪندي اسان جا پير نماز جي لاءِ مسجد جي طرف وڌيا؟ ڇا اسان جي تلاوتِ قرآن ۾ اضافو ٿيو؟ ڇا اسان گناهن کان سچي توبه ڪئي؟ اي ڪاش! اسان حياتي ۾ ئي حقيقي طور موت جي تياري ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃو.

جاگنا ہے جاگ لے افلاک کے سائے تلے                         حشر تک سوتا رہے گا خاک کے سائے تلے

 

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بُري صحبت ڪهڙا ڪهڙا ڪرشما ڏيکاريندي آهي، ان جي باري ۾ هڪ دردناڪ واقعو ٻڌون ٿا، جيئن

بُري صحبت جو انجام

      شيخِ طريقت،اميرِ اَهلسُنّت، باني دعوتِ اسلامي حضرت علّامه مَولانا ابُو بلال محّمد الياس عطّار قادِرِي رَضَوِي ضِيائي دَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه پنهنجي مايه ناز تصنيف ”نيڪي جي دعوت“ جي صفحي نمبر290 تي فرمائن ٿا: پنجاب (پاڪستان) جي هڪ علائقي ۾ هڪ عجيب و غريب بدبو ((Bad-smell محسوس ٿيڻ لڳي، علائقي وارن خوب جستجو ڪرڻ کان پوءِ بدبو جو سُراغ لڳايو، اها بدبو هڪ گھر مان اچي رهي هئي، تنهنڪري پوليس کي اطلاع ڏنو ويو، پوليس وارا ماڻهن جي موجودگي ۾ تالو ٽوڙي گھر ۾ داخل ٿيا ته هي ڏسي سڀ حيران ٿي ويا ته اتي هڪ کٽ تي هڪ جوان شخص جو لاش پيو آهي ۽ ان جا ڪجھ حصا ڳري چڪا آهن ۽ ان ۾ جيت هلي رهيا آهن، هي منظر ڏسي