Ham Q Nahi Badltay

Book Name:Ham Q Nahi Badltay

وابسته رهو ۽ ٻين اسلامي ڀينرن کي به هن مدني ماحول سان وابسته ڪيو. اَميرِاهلسنّت، حضرت علّامه مولانا محمد الياس عطّارقادِرِي دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه ماڻهن جي اصلاح ڏانهن خصوصي ڌيان ڏيندي دعوت اسلامي جو بنياد رکيو ۽ پاڻ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ ۽ مُعاشري جي اِصلاح جي لاءِ  مسلمانن کي اهو مدني مقصد اپنائڻ جي ترغيب ڏياري  ته ”مون کي پنهنجي ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي۔“ پاڻ دعوتِ اسلامي کي پنهنجي ذات تائين محدود نه رکيو بلڪ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جو جذبو، مدني ڪمن جي ڌُن رکڻ وارن، پنهنجي جان ۽ مال جي قُرباني ڏيڻ وارن مبلغن کي پنهنجي نگاھ فيض سان اهڙو نوازيو جو انهن کي مرڪزي مجلس شوريٰ جي لڙي ۾ پروئي ڇڏيو ۽ دعوتِ اسلامي جو نظام مرڪزي مجلسِ شوريٰ جي حوالي ڪري ڇڏيو۔ مُعاشري کي جنهن جنهن ميدان ۾ اِصلاح جي ضرورت پيش ايندي وئي، شعبا بڻجندا ويا۔ هن سلسلي ۾ ٭ اشاعتِ علم جي لاءِ عظيمُ الشان دِيني درسگاهون، جامعاتُ المدينه (للبنين و للبنات) ۽ دِيني ۽ دُنياوي تعليم سان آراسته دارُالمدينه، ٭ حفظِ قرآن ۾ مصروف مدرسة المدينه(للبنين و للبنات)، ٭ مسجد ڀريو تحريڪ سان گڏ مسجد بڻايو تحريڪ جي لاءِ مجلس خدام المساجد والمدارس جو قِيام، ٭اَلمَدِينَةُ العِلمِيه جهڙو علمي ۽ تحقيقي شعبو، ٭ مڪتبة المدينه جهڙو اهلِ سُنّت جو بهترين اِشاعتي ادارو، ٭ مُعاشري جي مختلف طبقن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ دلچسپ ۽ معلوماتي مضمونن تي مشتمل ماهوار فيضان ِ مدينه ٭ ماڻهن جي روز مرّه بابت پيش ايندڙ مسئلن جي شرعي حل جي لاءِ دارُالافتاء اهلسنّت جو قيام سرِفهرست آهي۔ جڏهن ته ميڊيا جي هن دَور ۾ عالَمِ اسلام جو 100فيصد گناهن کان پاڪ اسلامي چينل ”مدني چينل“ ته گھر گھر پهچي هن انداز سان نيڪي جي دعوت عام ڪري رهيو آهي جو ان کي هڪ سيڪنڊ ڏسڻ وارو به ان جي برڪتن سان محروم ناهي رهندو، چاهي اهو ٻار هجي يا وڏو، مرد هجي يا عورت، ڄڻ ته هر هڪ مدني چينل جي برڪتن سان علمِ دِين حاصل ڪري رهيو آهي۔

      جيڪڏهن اوهان به بُري عادتن کان پيڇو ڇڏائي پنهنجي اصلاح ڪرڻ چاهيو ٿيون ته هٿو هٿ هن مَدَني ماحول سان وابسته ٿي عملي طور تي دعوتِ اسلامي واريون بڻجي وڃو ۽ دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سنتن ڀري اجتماع ۾ شرڪت جي عادت بڻائي وٺو، هنن مدني ڪمن ۾ مُستقل