Aala Hazrat Ki Shayri Aur Ishq-e-Rasool

Book Name:Aala Hazrat Ki Shayri Aur Ishq-e-Rasool

۽ پوءِ مَقطع (يعني آخري شعر) ۾ بارگاههِ رسالت ۾ پنهنجي عاجزي ۽ مسڪيني جو نقشو هيئن ڪڍيو آهي ته:

کوئی کیوں پوچھے تیری بات رضاؔ

تجھ سے شَیْدا ہزار پھرتے ہیں

(حدائقِ بخشش،ص۱۰۰)

 اعلٰي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ٻئي مصرعي ۾ عاجزي جو اظهار ڪندي پنهنجي لاءِ ”ڪتي“ جو لفظ استعمال فرمايو آهي پر ادب طور اسان  هتي ”شيدا“ لکي ڇڏيو آهي (جنهن جو مطلب آهي عاشق)

شعر جي وضاحت: هن مَقطع ۾ عاشق ماههِ رسالت، سرڪار اعلٰي حضرت  رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه وڏي عاجزي جو اظهار ڪندي پنهنجو پاڻ کي مخاطب ڪري فرمائن ٿا: اي احمد رضا تون ۽ تنهنجي حقيقت ڇا آهي! تو جهڙا ته هزارين سگانِ مدينه (يعني مديني جا ڪتا) گھٽين ۾ ائين ئي گھمي رهيا آهن!

اها غزل عَرْض ڪري دِيدار جي اِنتظار ۾ مُؤدَّب (يعني بااَدَب) ويٺل هئا جو قسمت جاڳي پئي ۽ اکين سان بيداري جي حالت ۾ زيارتِ محبوبِ باري سان مُشرَّف ٿيا۔ (تذکرۂ امام احمد رضا،ص۱۱ تا ۱۲ملخصاً)

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! يقيناً اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه سچا عاشقِ رسول هئا، بلڪ عاشقانِ رسول جي قافلي جا سپھ سالار هئا، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه سڄي زندگي عشقِ رسول جا جام پيئاريندا رهيا، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه سڄي زندگي عشقِ رسول کي فروغ ڏيندا رهيا، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه سڄي زندگي اُمّت کي عشقِ رسول جو درس ڏيندا رهيا ۽ اهو انهيء عشقِ رسول جو صلو هو جو سرڪارِ مدينه ، قرارِ قلب و سينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي هن عاشقِ صادق کي بيداري جي حالت ۾ پنهنجي زيارت سان مشرف فرمايو۔ الله پاڪ کان دعا آهي ته اسان کي به اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي طفيل حقيقي عشقِ رسول به عطا فرمائي ۽ پنهنجي پياري حبيب، ڏکايل دلين جي طبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زيارت سان به مشرف فرمائي۔ اچو! اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي سيکاريل دعا الله پاڪ جي بارگاھ ۾ عرض ڪيون ٿا ته