Aala Hazrat Ki Shayri Aur Ishq-e-Rasool

Book Name:Aala Hazrat Ki Shayri Aur Ishq-e-Rasool

تُو ہی بندوں پر کرتا ہے لطف و عطا                    ہے تجھی پہ بھروسا تجھی سے دعا

مجھے جلوۂ پاکِ رسول دکھا                                   تجھے اپنے ہی عِزّ و عَلا کی قسم

(حدائق بخشش ص۸۱)

 صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                    صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

          پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي زيارت جي هن واقعي مان اسان کي اهو درس ملي رهيو آهي ته اسان به سچا عاشقِ رسول بڻجي وڃون، هن سان اسان جي دنيا به موچاري ٿيندي ۽ آخرت به بهتر ٿيندي۔ هن ۾ ڪو شڪ ناهي ته جيڪو سچو عاشقِ رسول هوندو اهو هر ان ڪم کان بچندو جنهن سان شريعت بچڻ جو تقاضو ڪندي آهي۔ ٭ جيڪو سچو عاشقِ رسول هوندو اهو عشقِ مجازي کان بچندو۔ ٭ جيڪو سچو عاشقِ رسول هوندو اهو رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ارشادن جي مطابق زندگي گذاريندو۔ ٭ جيڪو سچو عاشقِ رسول هوندو اهو نماز قضا نه ڪندو۔ ٭ جيڪو سچو عاشقِ رسول هوندو اهو ڪڏهن ڪوڙ ۽ غيبت ۾ نه پوندو۔ ٭ جيڪو سچو عاشقِ رسول هوندو اهو فرض روزو بنا عذرِ شرعي نه ڇڏيندو۔ ٭ جيڪو سچو عاشقِ رسول هوندو اهو ڪڏهن والدين جي دل آزاري نه ڪندو۔ ٭ جيڪو سچو عاشقِ رسول هوندو اهو ڪڏهن پاڙيسرين کي تڪليف نه ڏيندو۔ ٭ جيڪو سچو عاشقِ رسول هوندو اهو ڪڏهن رشتيدارن سان تعلق نه ٽوريندو۔ ٭ جيڪو سچو عاشقِ رسول هوندو اهو ڪڏهن ٻين جو حق نه ڦٻائيندو۔ ٭ جيڪو سچو عاشقِ رسول هوندو اهو ڪڏهن ٻين جي بي عزتي نه ڪندو۔ ٭ جيڪو سچو عاشقِ رسول هوندو اهو ڪڏهن حرام مال ڏانهن نه ويندو۔ ٭ جيڪو سچو عاشقِ رسول هوندو اهو ڪڏهن شراب جي ويجھو نه ويندو۔ ٭ جيڪو سچو عاشقِ رسول هوندو اهو بُري صحبت ۾ نه رهندو۔ ٭ جيڪو سچو عاشقِ رسول هوندو اهو ڪڏهن بدنگاهي نه ڪندو۔ مطلب ته! ٭ جيڪو سچو عاشقِ رسول هوندو اهو هر ان ڪم کان بچندو جنهن سان شريعت منع ڪري ٿي۔ ڇوته سچي عاشقِ رسول کي ان جو عشقِ رسول عبادتن ۾ مصروف رکندو۔ سچي عاشق رسول