Aala Hazrat Ki Shayri Aur Ishq-e-Rasool

Book Name:Aala Hazrat Ki Shayri Aur Ishq-e-Rasool

ولادت جي خوشي ۾ لهرائيندڙ ساون سـاون جهـنڊن ۽ جڳمڳ ڪندڙ بلبن ۽ ننڍڙين ننڍڙين بتين کي چمندو جهومنـدو ماکي کان به مٺو مڪي مدني سلام،

اَلسَّلامُ عَلَيکمْ وَرَحْمَۃُ اﷲ وَبَرَکاتُه                                                                                                                           اَلْحَمْدُ لِلّٰه رَبِّ الْعٰلَمِينَ عَلٰي کلِ حَال ۔

 

تُم بھی  کرکے  اُن کا  چرچا  اپنے  دِل  چمکاؤ                   اُونچے میں اُونچا نبی کا جھنڈا گھر گھر میں لہراؤ

چنڊ واري رات جو هنن لفظن سان ٽي ڀيرا مسجدن ۾ اعلان ڪرايو: تمام اسلامي ڀائرن ۽ ڀينرن کي مبارڪ هجي جو ربيع الاول شريف جو چنڊ نظر اچي ويو آهي.

رَبِیْعُ الاوّل اُمّیدوں کی دُنْیا ساتھ لے آیا                  دُعاؤں کی قَبولیَّت کو ہاتھوں ہاتھ لے آیا

 مرد لاءِ ڏاڙهي ڪوڙائڻ يا هڪ مٺ کان گهٽائڻ ٻئي حرام آهن، اسلامي ڀيڻ جو بي پردگي ڪرڻ حرام آهي. براءِ ڪرم ربيع الاول شريف جي برڪت سان اسلامي ڀائر هميشه جي لاءِ هڪ مٺ ڏاڙهي ۽ اسلامي ڀينرون مستقل شرعي پردو ۽ وڏي خوش قسمتي جو مدني برقعو پائڻ جي نيت ڪن.  

جُھک گیا کعبہ سَبھی بُت مُنہ کے بَل اَوندھے گِرے                دَبدبہ    آمد    کا   تھا ،   اَھْلاً   وَّ   سَھْلاً     مرحبا

    سنتن ۽ نيڪين تي استقامت حاصل ڪرڻ جو عظيم مدني نسخو هي آهي ته تمام عاشقان رسول اسلامي ڀائر ۽ اسلامي ڀينرون روزانو فڪر مدينه ڪندي مدني انعامات جو رسالو ڀري هر مهيني جمع ڪرائڻ جي نيت ڪن، هٿ کڻي چئو: اِنْ شَــآءَالـلّٰـه (ياد رکو جيڪڏهن دل ۾ نيت نه هئڻ جي باوجود ڄاڻي واڻي ڏيکاءُ جي لاءِ هٿ کڻڻ ته مان به نيت ڪيان ٿو گناھ آهي۔)

بدلیاں رَحمت کی چھائیں بُوندیاں رَحمت کی آئیں                   اب  مُرادیں  دل کی پائِیں آمدِ شاہِ  عَرَب ہے

                                                                                       (قبالہ بخشش، ص۱۸۴)

تمام عاشقان رسول اسلامي ڀائر نگرانن ۽ ذميدارن سميت ربيع الاول شريف ۾ خصوصيت سان گهٽ ۾ گهٽ ٽن ڏينهن جي مدني قافلي ۾ سفر جي سعادت حاصل ڪن ۽ اسلامي ڀينرون ۳۰ ڏينهن تائين روزانو گهر جي اندر