Aala Hazrat Ki Shayri Aur Ishq-e-Rasool

Book Name:Aala Hazrat Ki Shayri Aur Ishq-e-Rasool

(فقط گهر جي اسلامي ڀينرن ۽ محرمن ۾) فيضانِ سنت جو درس جاري ڪن ۽ وري اڳتي به روزانو جاري رکڻ جي نيت ڪن.

سعادت ملے درسِ فیضانِ سُنّت                     کی روزانہ دو مرتبہ یاالہٰی!

(وسائلِ بخشش مُرمّم،ص۱۰۳)

سٺين سٺين نيتن سان پنهنجي مسجد، گهر، دڪان، ڪارخاني وغيره تي 12 عدد نه ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ عدد سبز سبز جهنڊو ربيع الاول شريف جي چنڊ رات کان وٺي سڄو مهينو لڳايو، بسن، ويگنن، ٽرڪن، ٽرالن، ٽيڪسين، رڪشن، ريڙهن، ٽانگن وغيره تي ضرورت موجب پنهنجي کيسي مان رقم ڀري جهنڊا خريد ڪري لڳايو، پنهنجي سائيڪلن، اسڪوٽر ۽ ڪار تي به لڳايو، اِنْ شَآءَ الله هر طرف سبز سبز جهنڊن جون بهارون مرڪندي نظر اينديون، عام طور تي ٽرڪن جي پٺيان جاندارن جون وڏيون وڏيون تصويرون ۽ بي ڍنگا شعر لکيل هوندا آهن، منهنجي خواهش آهي ته ٽرڪن، بسن، ويگنن، رڪشن، ٽيڪسين، سوزوڪين، ۽ ڪارن وغيره جي پٺيان وڏن لفظن ۾ هي لکيل هجي، مون کي دعوتِ اسلامي سان پيار آهيـ بس جي مالڪن ۽ ٽرانسپورٽ وارن سان ملي ڪري مدني ترڪيبون ڪيو ۽ سگِ مدينه عفي عنه جي دل جون دعائون وٺو.

ضـروري احتياط: جيڪڏهن جهنڊي تي نعلين پاڪ جو نقش پاڪ يا ڪا لکت هجي ته هن ڳالهه جو خيال رکو ته نه اهو ليڙون ليڙون ٿئي، نه ئي زمين تي اچي پئي ۽ جيئن ئي ربيع الاول شريف جو مهينو موڪلائي وڃي ته فوراً لاهي ڇڏيو، جيڪڏهن احتياط نه ٿو ٿي سگهي ۽ بي ادبي ٿيڻ جو انديشو هجي ته بنا نقش ۽ بنا لکت جا سادا ساوا جهنڊا لڳايو. (سگِ مدينهعفي عنه به حتي الامڪان پنهنجي مڪان بنام “بيت الفنا” تي سادا (يعني بغير ڪنهن نقش ۽ لکت جي) جهنڊا لڳائيندو آهي)

سعادت ملے درسِ فیضانِ سُنّت                     کی روزانہ دو مرتبہ یاالہٰی!

(وسائلِ بخشش مُرمّم،ص۱۰۳)

 پنهنجي گهر تي 12 جهالرن (يعني لڙهين) يا گهٽ ۾ گهٽ 12 بلبن سان ۽ پنهنجي مسجد ۽ محلي ۾ به 12 ڏينهن تائين خوب لائيٽنگ ڪيو (پر انهن ڪمن لاءِ بجلي چوري ڪرڻ حرام آهي. تنهن ڪري ان سلسلي ۾ بجلي فراهم