Book Name:Aala Hazrat Ki Shayri Aur Ishq-e-Rasool
مومن ہوں مومنوں پہ رؤفٌ رحیم ہو سائل ہوں سائلوں کو خوشی لَانَہَر کی ہے
(حدائق بخشش ، ص۲۱۲)
هن ۾ قرآنِ پاڪ جي هن آيت سڳوري ڏانهن اشارو آهي:
وَ اَمَّا السَّآىٕلَ فَلَا تَنْهَرْؕ(۱۰) (پ۳۰، الضحي:۱۰)
ترجمو ڪنز الايمان: ۽ سوالي کي نه جهڻڪ.
سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه هڪ ٻي هنڌ فرمائن ٿا:
مجرم بلائے آئے ہیں جَآءُوۡکَ ہے گواہ پھر رد ہو کب یہ شان کریموں کے در کی ہے
(حدائق بخشش ، ص۲۰۵)
هن شعر ۾ قرآنِ پاڪ جي هن آيت سڳوري ڏانهن اشارو آهي:
وَ لَوْ اَنَّهُمْ اِذْ ظَّلَمُوْۤا اَنْفُسَهُمْ جَآءُوْكَ فَاسْتَغْفَرُوا اللّٰهَ وَ اسْتَغْفَرَ لَهُمُ الرَّسُوْلُ لَوَجَدُوا اللّٰهَ تَوَّابًا رَّحِیْمًا(۶۴) (پ٥،النساء:۶۴)
ترجمو ڪنزالايمان: ۽ جيڪڏهن اهي پنهنجي پاڻ تي ظلم ڪن ته اي محبوب تنهنجي بارگاھ ۾ حاضر ٿين پوءِ الله کان معافي گهرن ۽ رسول انهن جي شفاعت فرمائي ته ضرور الله کي گهڻو توبه قبول ڪندڙ مهربان لهندا.
اهڙي طرح سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه هڪ ٻي هنڌ فرمائن ٿا:
رَبّ ہے مُعْطِی، یہ ہیں قاسم رزق اس کا ہے، کھِلاتے یہ ہیں
(الاستمداد،ص۶)
هن ۾ هن حديثِ پاڪ ڏانهن اشارو آهي جنهن ۾ پاڻ ڪريم عَلَيه الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام ارشاد فرمايو: اِنَّمَا اَنَا قَاسِمٌ وَاﷲُ الْمُعْطِي يعني ڏيڻ وارو الله آهي ۽ ورهائڻ وارو مان آهيان۔ (بخاري، ڪتاب الاعتصام، باب قول النبي لاتزال طائفۃ،۴/۵۱۱، حديث: ۷۳۱۱)