Book Name:Aala Hazrat Ki Shayri Aur Ishq-e-Rasool
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! امام غزالي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي فرمان جو خلاصو اهو آهي ته ڪنهن پسنديده شيء سان تَعَلُّق قائم ٿي وڃڻ مَحَبَّت چورائي ٿو ۽ جڏهن اهو ئي تعلق شدت اختيار ڪري وڃي ته ان کي عشق چوندا آهن۔
مسلمان توڙي جو بي عمل ئي ڇو نه هجي، پر ان کي الله ۽ رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان محبت ضرور هوندي آهي ۽ هئڻ به گھرجي۔ اچو! ٻڌون ٿا ته عشق ۽ محبت جو تقاضو ۽ ان جون نشانيون ڪهڙيون آهن؟ جيئن عالم سڳورا فرمائن ٿا: الله پاڪ ۽ ان جي رسول، رسولِ مقبول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان مَحَبَّت ۽ عشق جو تقاضو ۽ نشاني اها آهي ته سندن جي اطاعت ۽ فرمانبرداري وارا ڪم ڪيا وڃن۔
حضرتِ سهل بن عبدُالله رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: الله ڪريم سان مَحَبَّت جي نشاني قرآن سان مَحَبَّت ڪرڻ آهي ۽ قرآٓن سان مَحَبَّت جي علامت نبي ذيشان، رسولِ رحمٰن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان مَحَبَّت ڪرڻ آهي ۽ رحمتِ عالم، نُورمجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان مَحَبَّت جي نشاني سندن جي سنت سان مَحَبَّت ڪرڻ آهي ۽ انهن سڀني سان مَحَبَّت جي نشاني اها آهي ته آخرت سان مَحَبَّت ڪئي وڃي ۽ آخرت سان مَحَبَّت جي نشاني اها آهي ته ضرورت کان علاوه دنيا کان بُغض رکيو وڃي۔ (تفسير قرطبي،پ۳،آل عمران،تحت الآيۃ:۳۱،۲/۴۷ملتقطاً )
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! عشقِ رسول جون وڌيڪ ٻيون ڪيئي تقاضائون آهن۔ جيئن v عشقِ رسول جو هڪ تقاضو اهو به آهي ته الله ۽ ان جي رسول سان محبت ڪئي وڃي۔ ٭ عشقِ رسول جو هڪ تقاضو اهو به آهي ته ان جو مبارڪ ذڪر ڪثرت سان ڪيو وڃي۔ ٭ عشقِ رسول جو هڪ تقاضو اهو به آهي ته سندن جي مبارڪ ارشادن کي ٻڌي عمل ڪيو وڃي ۽ اڳتي ڦهلايو وڃي۔ ٭ عشقِ رسول جو هڪ تقاضو اهو به آهي ته سندن جي شهر سان به محبت ڪئي وڃي۔ ٭ عشقِ رسول جو هڪ تقاضو اهو به آهي ته سندن اولاد سان به محبت ڪئي وڃي۔ ٭ عشقِ رسول جو هڪ تقاضو اهو به آهي ته سندن جي صحابه ڪرام سان به محبت ڪئي وڃي۔ ٭ عشقِ رسول جو هڪ تقاضو