Faizan-e-Rabi-ul-Awaal

Book Name:Faizan-e-Rabi-ul-Awaal

انتهائي مطلوب ۽ بي انتها اهميت جي حامل آهي ڇوته هتي الله پاڪ  پنهنجي تسبيح تي پنهنجي حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي تعظيم ۽ توقير کي مقدم فرمايو آهي. ۽ جيڪو ماڻهو ايمان آڻڻ کانپوءِ پاڻ ڪريمن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي تعظيم ڪن ٿا، انهن جي ڪامياب ۽ بامراد هئڻ جو اعلان ڪندي الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:

فَالَّذِیْنَ اٰمَنُوْا بِهٖ وَ عَزَّرُوْهُ وَ نَصَرُوْهُ وَ اتَّبَعُوا النُّوْرَ الَّذِیْۤ اُنْزِلَ مَعَهٗۤۙ-اُولٰٓىٕكَ هُمُ الْمُفْلِحُوْنَ۠(۱۵۷)  ترجموڪنزالايمان: پوءِ جيڪي ان تي ايمان آڻين ۽ سندس تعظيم ڪن ۽ ان جي مدد ڪن ۽ ان نور جي پيروي ڪن جيڪو ان سان گڏ نازل ٿيو اُهي بامراد آهن. (پ۹،الاعراف:۱۵۷) (تفسیر صراط الجنان  ،۹/۳۴۷)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

اي عاشقانِ ميلاد! اسان ربيع الاول جي فضيلتن ۽ ان جي برڪتن جي باري ۾ ٻڌي رهيا هئاسين، ربيعُ الاوَّل جي عظمتن جي ڇا ڳالھ ڪجي! ان کي ڪائنات جي سڀ کان وڌيڪ عظمت ۽ شان واري هستي، اسان جي پياري نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان نسبت آهي۔ انهيء نسبت هن مهيني جو شان وڌائي ڇڏيو آهي ۽ ان تاريخ کي ليلة القدر کان به افضل بڻائي ڇڏيو آهي، ڇوته هن مهيني ۾ ربِّ ڪريم جي سڀ کان وڏي رحمت اسان گناهگارن کي نصيب ٿي، هن مهيني ۾ رب ڪريم پنهنجو محبوب اسان کي عطا فرمايو، تنهنڪري اسان کي گھرجي ته هن رحمت تي الله پاڪ جو شڪر ادا ڪريون، ان جي رحمت تي خوشيون ملهايون، ڇوته رحمتِ الٰهي ملڻ تي خُوشي ملهائڻ جو حڪم ته الله ڪريم خود ارشاد فرمايو آهي، جيئن

سيپاري 11 سُوره يونُس جي آيت نمبر 58 ۾ اِرشاد آهي۔