Faizan-e-Rabi-ul-Awaal

Book Name:Faizan-e-Rabi-ul-Awaal

قُلْ بِفَضْلِ اللّٰهِ وَ بِرَحْمَتِهٖ فَبِذٰلِكَ فَلْیَفْرَحُوْاؕ-هُوَ خَیْرٌ مِّمَّا یَجْمَعُوْنَ(۵۸)  (پ 11 يونس 48)                   

ترجمو ڪنزالايمان: تون فرماءِ الله جي فضل ۽ سندس رحمت تي جڳائي ته خوشي ڪن، اهو انهن جي سموري ڌن دولت کان بهتر آهي.

مشهور مفسّرِ قرآن، مُفتي اَحمد يارخان نعيمي رَحْمَةُ الله عَلَيه هن آيت سڳوري جي حوالي سان اِرشاد فرمائن ٿا: اي مَحبُوب! ماڻهن کي اها خُوشخبري ڏيو ۽ اهو حڪم به ڏيو ته الله جي فَضل ۽ ان جي رَحمَت مِلڻ تي تمام گهڻيون خُوشيون ڪيو۔ عام خُوشي ته هر وَقت ڪيو ۽ خُصُوصي خُوشي انهن تاريخن ۾ جِن ۾ اهي نِعمَتون مليون يعني رَمَضَان ۾ ته الله جو فضل”قرآن“ آيو،  رَبِيعُ الاَوَّل ۾ خُصُوصاً ٻارهين تاريخ جو رَحمَةٌ لِّلعَالَمِين يعني محمدِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پيدا ٿيا۔ اهو فَضل ۽ رَحمَت يا اُن جي خُوشي ڪرڻ توهان جي دُنياوي جَمع ڪيل مال ۽ مَتَاع، پيسه، مَڪان، جائيداد، جانور، ٻني ٻاري بلڪ اَولاد وغيره سڀ کان بهتر آهي جو ان خُوشي جو نَفعو شخصي ناهي بلڪ قومي آهي۔ وَقتي ناهي بلڪ دائِمي آهي۔ صرف دُنيا ۾ نه بلڪ دِين ۽ دُنيا ٻنهي ۾ آهي۔ جِسماني ناهي بلڪ دِلي ۽ رُوحاني آهي۔ برباد ناهي بلڪ ان تي ثَواب آهي۔ (تفسيرِ نعيمي ،پ۱۱،يونس،تحت الآية:۵۸،۱۱/۳۷۸ملخصاً)

خُوشیاں مناؤ بھائیو! سرکار آگئے                                           سرکار آگئے، شہِ ابرار آگئے

سب جُھوم جُھوم کر کہو سرکار آگئے                                       دونوں جہاں کے مالک و مختار آگئے

خُوشیوں کے لمحے آگئے دِیوانے جُھوم اُٹھے                             عیدوں کی عید آگئی سرکار آگئے

(وسائلِ بخشش مرمم،ص۵۱۱)

سرڪار جي آمد…مرحبا   سردار جي آمد …مرحبا ®® آمنه جي گل جي آمد …مرحبا
رسولِ مقبول جي آمد …مرحبا
®® پياري جي آمد …مرحبا ®®   
سچي جي آمد …مرحبا
®® سهڻي جي آمد …مرحبا ®®  
مُختار جي آمد …مرحبا
®® مُختار جي آمد …مرحبا ®® مُختار جي آمد …مرحبا

مرحبا يا مصطفي       مرحبا يا مصطفي   مرحبا يا مصطفي   مرحبا يا مصطفي