Quran-e-Pak Aur Naat-e-Mustafa

Book Name:Quran-e-Pak Aur Naat-e-Mustafa

وَالسَّلَام جي تعريف تي مشتمل آهي، خاص ڪري هن جي ابتدائي ٻن آيتن ۾ ته نهايت ئي نِرالي انداز ۾ مُصطفٰي ڪريم، رؤف رحيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مُبارڪ چهري کي چاشت سان ۽ مُبارڪ زلفن کي رات جي تاريڪي سان تشبيه ڏني آهي۔ جيئن ربِّ ڪريم ارشاد فرمائي ٿو:

وَ الضُّحٰىۙ(۱) وَ الَّیْلِ اِذَا سَجٰىۙ(۲) (پ:۳۰، الضحيٰ:۲،۱)                                             

ترجمو ڪنزالايمان: چاشت جو قسم ۽ رات جڏهن پردو ڪري.

  هنن آيتن ۾ چاشت ۽ رات جي اونداهي مان ڇا مراد آهي، هن باري ۾ مفسرن ۽ عالم سڳورن جا مختلف قول آهن۔

حضرت سَيدنا امام فخر الدين رازي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا:

وَالضُّحٰي مان مراد آهي نبي اڪرم نورِ مجسَّمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي روشن چهري جو قسم ۽ ”وَالَّيل“ مان مراد آهي نبي اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڪارن زلفن جو قسم۔ (تفسير ڪبير، ۱۱/۱۹۱ماخوذاً)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو!غور ڪريو! الله پاڪ ڪهڙي پياري انداز ۾ پنهنجي پياري محبوب نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي روشن چهري ۽ خوبصورت زلفن جو قسم بيان فرمايو، صرف اهو ئي نه بلڪ الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ پنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ادائن ۽ پاڻ سان تعلق رکندڙ مختلف شين جو قسم به ياد فرمايو آهي۔ اچو! ملاحظه ڪريو۔

  الله پاڪ پنهنجي محبوبِ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مُبَارَڪ گفتگو جو قسم ياد فرمائيندي ارشاد فرمايو: وَ قِیْلِهٖ یٰرَبِّ اِنَّ هٰۤؤُلَآءِ قَوْمٌ لَّا یُؤْمِنُوْنَۘ(۸۸) (پ۲۵،الزخرف:۸۸) ترجمو ڪنزالايمان: مون کي رسول جي ان چوڻ جو قسم ته اي منهنجا رب اهي ماڻهو ايمان نه آڻيندا۔