Book Name:Quran-e-Pak Aur Naat-e-Mustafa
الله پاڪ پنهنجي محبوبِ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ عمر جو قسم ياد فرمائيندي ارشاد فرمايو: ( لَعَمْرُكَ اِنَّهُمْ لَفِیْ سَكْرَتِهِمْ یَعْمَهُوْنَ(۷۲) (پ۱۴،الحجر:۷۲) ترجمو ڪنزالايمان :اي محبوب توهان جي جان جو قسم بيشڪ هو پنهنجي نشي ۾ ڀٽڪي رهيا آهن۔ )
الله ڪريم پنهنجي محبوبِ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مقدس شهر جو قسم ياد فرمايو ۽ ارشاد فرمايو: ( لَاۤ اُقْسِمُ بِهٰذَا الْبَلَدِۙ(۱) (پ۳۰،البلد:۱) ترجمو ڪنزالايمان: مون کي هن شهر جو قسم۔)
الله پاڪ نبيءِ بي مثال، سيده آمنه جي لال صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ زماني جو قسم ياد فرمائيندي ارشاد فرمايو: ( وَ الْعَصْرِۙ(۱) (پ۳۰،العصر:۱) ترجمو ڪنزالايمان: ان محبوب جي زماني جو قسم۔
سَيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه هن طرف اشارو ڪندي فرمائن ٿا
ہے کلامِ الٰہی میں شَمس و ضُحٰے تِرے چہرۂ نور فزا کی قسم |
قسمِ شبِ تار میں راز یہ تھا کہ حبیب کی زُلفِ دوتا کی قسم |
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم’’چوڪ درس‘‘
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ لِلّٰه! دعوت اسلامي جي مدني ماحول ۾ پياري آقا، مڪي مدني مُصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي شان ۽ عظمت کي بيان ڪيو ويندو آهي، محبتِ رسول جا جام ڀري ڀري پيئاريا ويندا آهن، اوهان به پنهنجي دل ۾ محبت جو چراغ روشن ڪرڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته ٿي ۽ 12 مَدَني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حِصّو وٺو۔ 12 مدني ڪمن مان روزانو جو هڪ مدني ڪم چوڪ درس به آهي۔ چوڪ دَرس مُسَلمانن کي بُرائين کان بچائڻ جو ذريعو آهي ٭ چوڪ دَرس بي