Quran-e-Pak Aur Naat-e-Mustafa

Book Name:Quran-e-Pak Aur Naat-e-Mustafa

خاص انعام عطا ڪندا آهن، جنهن سان ان جي قدرو منزلت هر شخص جي ويجھو وڌي وڃي ۽ هو ٻين کان بلڪل ئي ممتاز ۽ جدا ٿي وڃي ۽ اهي ڪمالات ۽ رتبا جيڪي ڪنهن ٻي کي به مليا هجن ته بادشاھ پنهنجي خاص ۽ چونڊيل درٻارين کي اهو عطا فرمائڻ سان گڏوگڏ ٻين به کوڙ بهتر رُتبن سان سرفراز فرمائيندو آهي اهڙي طرح پروردگارِ عالم اسان جي پياري نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي تمام مخلوق کان وڌيڪ انعامات ڏئي پنهنجي خاص مهربانين سان مشرف ڪيو ۽ قرآنِ ڪريم ۾ ربِّ ڪريم مختلف هنڌ تي مختلف لفظن جي ذريعي پنهنجي حبيب حبيبِ لبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ساراھ فرمائي آهي، جيئن

      ٭سوره فتح آيت نمبر 29 ۾ پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي مُحَمَّدٌ رَّسُول الله فرمايو٭ ته سورهءِ اٰلِ عمران آيت نمبر 33 ۾ پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام کي ”مصطفيٰ“ قرار ڏنو ويو۔ ٭ سوره اٰلِ عمران آيت نمبر179 ۾ مجتبيٰ“ فرمايو ٭ ته سوره جن آيت نمبر 27 ۾ پاڻ کي ”مرتضيٰ“ جي لقب سان ياد ڪيو ويو۔ ٭ سورهءِ بني اسرائيل آيت نمبر 1 ۾ عبدِ ڪامل ٭ ته سورهءِ مائده آيت نمبر15 ۾ پاڻ کي”نور“ فرمايو ويو ۔ ٭سورهءِ نساء آيت نمبر174 ۾ ”بُرهان٭ ته سورهءِ احزاب آيت نمبر40 ۾ پاڻعَلَيۡهِ السَّلَام کي ”خاتمُ النبيين“ فرمايو ويو۔ ٭سورهءِ احزاب آيت نمبر45 ۾ ”حاضر و ناظر“،”سراجِ مُنير“ ۽ داعي اِلَي الله (يعني الله پاڪ ڏانهن سڏيندڙ) فرمايو ويو۔٭سورهءِ يٰس آيت نمبر1 ۾ پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ”يٰس٭ ته سورهءِ طه آيت نمبر1 ۾ طٰهٰ فرمايو ويو۔٭سوره بقره آيت نمبر119 ۾ بشير (خوشخبري ٻڌائڻ وارو) ۽ ”نذير(ڊپ ٻڌائڻ وارو) فرمايو ويو آهي۔٭سوره مُزّمّل آيت نمبر1 ۾ پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام کي ”مُزَّمِّل٭ ته سورهءِ مُدّثّر آيت نمبر1 ۾ مُدَّثِّر فرمايو ويو آهي۔ ٭ سورهءِ اٰلِ عمران آيت نمبر 164 ۾ الله پاڪ پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام کي مومنن تي پنهنجو ”احسان“ قرار ڏنو ٭ ته سورهءِ انبياءآيت نمبر 160 ۾ پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام کي تمام عالمين جي لاءِ ”رَحْمَت“ قرار ڏنو۔ ٭سورهءِ قلم آيت نمبر4 ۾ پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام کي ”صاحبِ خُلُقِ عظيم“ فرمايو ٭ ته سورهءِ بني اسرائيل آيت نمبر1 ۾ صاحبِ معراج فرمايو ويو۔٭سورهءِ بقره آيت نمبر 33 ۾ دعاءِ ابراهيمي٭ ته سورهءِ صف آيت نمبر 6 ۾ ” بشارتِ عيسيٰ“ فرمايو ويو۔ ٭ سورهءِ ڪوثر آيت نمبر1 ۾ ”صاحبِ ڪوثر٭ ته سورهءِ بني اسرائيل آيت نمبر79 ۾ ”صاحبِ مقامِ