Quran-e-Pak Aur Naat-e-Mustafa

Book Name:Quran-e-Pak Aur Naat-e-Mustafa

اسان الله پاڪ جي ربوبيت تي راضي ٿياسين، اسلام جي دين هئڻ تي راضي ٿياسين،  قرآن جي امام ۽ پيشوا هئڻ تي راضي ٿياسين، اوهان جي نبي  هئن تي راضي ٿياسين، اسان اوهان کان مُعافي ٿا گهرون. تاجدارِ رسالت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو:  ڇا توهان رڪجي ويندؤ؟ ڇا توهان رڪجي ويندؤ؟ پوءِ منبر تان لٿا، ان تي الله پاڪ هي آيت نازل فرمائي. (خازن، اٰل عمران، تحت الآیۃ: ۱۷۹، ۱/۳۲۸)

 مَا  كَانَ  اللّٰهُ  لِیَذَرَ  الْمُؤْمِنِیْنَ  عَلٰى  مَاۤ  اَنْتُمْ  عَلَیْهِ  حَتّٰى  یَمِیْزَ  الْخَبِیْثَ  مِنَ  الطَّیِّبِؕ-وَ  مَا  كَانَ  اللّٰهُ  لِیُطْلِعَكُمْ  عَلَى  الْغَیْبِ  وَ  لٰكِنَّ  اللّٰهَ  یَجْتَبِیْ  مِنْ  رُّسُلِهٖ  مَنْ  یَّشَآءُ   ۪-  فَاٰمِنُوْا  بِاللّٰهِ  وَ  رُسُلِهٖۚ-وَ  اِنْ  تُؤْمِنُوْا  وَ  تَتَّقُوْا  فَلَكُمْ  اَجْرٌ  عَظِیْمٌ(۱۷۹)   

 ترجمو ڪنزالايمان: الله مسلمانن کي ان حال تي ڇڏڻ وارو ناهي جنهن تي اوهان آهيو تان جو ڪنِي کي سُٺي کان جدا نه ڪري ۽ الله جو هي شان ناهي جو اي عام انسانو! اوهان کي غيب جو علم ڏئي ڇڏي ها، الله پنهنجن رسولن مان جنهن کي گهرندو تنهن کي چونڊيندو آهي تنهن ڪري الله ۽ ان جي رسول تي ايمان آڻيو ۽ جيڪڏهن ايمان آڻيندا ۽ پرهيزگار ٿيندا ته اوهان لاءِ وڏو ثواب آهي. (پ1 اٰل عمران:179)

  پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هن آيتِ ڪريمه جي حوالي سان مشهور مفسرِ قرآن حضرت مفتي احمديارخان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جيڪي نڪات بيان ڪيان آهن، اچو! انهن مان ڪجھ ٻڌون ٿا:

(1) هڪ ڳالھ هي به معلوم ٿي ته حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي علمِ غيب تي اعتراض ڪرڻ ۽ اهو چوڻ ته (انهن کي) فلاڻي شيءِ جو علم نه هو، سراسر منافقن جو طريقو آهي.

(2) مسلمانن تي فرض آهي ته سرڪار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي تمام اوصافِ حميده کي بنا بحث ۽ مباحثي جي مڃن.

(3) ربِّ ڪريم اسان جي آقا ڪريم و مولا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي قيامت تائين جي هرهر شيءِ جو علم عطا فرمايو ڇوته حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو ته جيڪو چاهيو پڇو! ۽ اها ڳالھ اهو چئي سگهي ٿو جنهن جو علم مڪمل هجي.

(4) قيامت تائين جي ايمان آڻڻ وارا، ايمان نه آڻڻ وارا ۽ منافق سڀ حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي علم ۾ آهن. (شانِ حبیب الرحمان، ص۵۴،۵۵  ماخوذاً)  امامِ اهلسنت، عاشقِ ماھِ رسالت، امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه پنهنجي نعتيه ديوان”حدائقِ بخشش“ ۾ لکن ٿا: