Quran-e-Pak Aur Naat-e-Mustafa

Book Name:Quran-e-Pak Aur Naat-e-Mustafa

کہنا نہ کہنے والے تھے جب سے تو اطلاع مولیٰ کو قول و قائل و ہر خشک و تر کی ہے

اُن پر کتاب اُتری بَیَانًا لِّکُلِّ شَیئ                    تفصیل جس میں مَا عَبَر و مَا غَبَر کی ہے

شعرن جو خلاصو: يعني اسان جي آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي شان اها آهي ته گفتگو ڪرڻ واري گفتگو اڃان ڪئي ئي نه هئي پر آقا ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ان ڳالھ جي به پهريان کان خبر هئي ۽ گفتگو ڪرڻ واري کان به واقف هئا، سندن جي شان اها آهي جو ڪائنات جي هر خشڪ ۽ تر کي ڄاڻن ٿا. ۽ الله ڪريم انهن کي قرآن ڪريم جي صورت ۾ اهڙي عظيم ڪتاب عطا فرمائي آهي جو جنهن ۾ هر شيءِ جو واضع بيان موجود آهي.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

حضورصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو حڪم مڃڻ فرض آهي

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اچو! هڪ ٻيو واقعو، آيتِ ڪريمه، شانِ نزول ۽ تفسير سان ٻڌون ٿا:

مديني وارا! جبلن تان ايندڙ پاڻي مان باغن جو ريج ڪندا هئا، اُتي هڪ انصاري جو حضرت زبير رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ سان هن ڳالھ تي جهڳڙو ٿي پيو ته پهريان مان پنهنجي زمين کي پاڻي ڏيندس. اهو معاملو حبيبِ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي بارگاھ ۾ پيش ڪيو ويو. سرڪارِ مدينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  ارشاد فرمايو: اي زبير! تون پنهنجي باغ کي پاڻي ڏئي پنهنجي پاڙيسري جي طرف پاڻي ڇوڙي ڇڏ. حضرت زبير رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ کي پهريان پاڻي جي اجازت انڪري ڏني وئي جو انهن جي زمين پاڻي جي ويجهو هئي، ان جي باوجود سرڪار دوعالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ انصاري سان به احسان ڪرڻ جو فرمائي ڇڏيو، پر مجموعي فيصلو انصاري کي ڏکيو لڳو ۽ ان جي زبان مان اهو ڪلمو نڪتو ته زبير(رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ) اوهان جو پڦاٽ آهي. جڏهن ته باوجود ان جي ته فيصلي ۾ حضرت زبير رَضِىَ اللهُ عَـنْهُکي انصاري سان احسان جي هدايت فرمائي وئي هئي، پر انصاريءَ ان جي قدر نه ڪئي ته حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت زبير رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ کي حڪم ڏنو ته پنهنجي باغ کي سيراب ڪري پاڻي روڪي ڇڏيو. ان تي هي آيتِ ڪريمه نازل ٿي. (بخاری، کتاب الصلح، باب اذا اشار الامام بالصلح۔۔۔ الخ، ۲/۲۱۵، الحدیث: ۲۷۰۸ از تفسیر صراط الجنان، ۲/۲۳۹ )    

الله پاڪ سيپاري 5 سورة النسا آيت نمبر 65 ۾ ارشاد فرمائي ٿو: