Quran-e-Pak Aur Naat-e-Mustafa

Book Name:Quran-e-Pak Aur Naat-e-Mustafa

فَلَا وَ رَبِّكَ لَا یُؤْمِنُوْنَ حَتّٰى یُحَكِّمُوْكَ فِیْمَا شَجَرَ بَیْنَهُمْ ثُمَّ لَا یَجِدُوْا فِیْۤ اَنْفُسِهِمْ حَرَجًا مِّمَّا قَضَیْتَ وَ یُسَلِّمُوْا تَسْلِیْمًا(۶۵)

تَرجمو ڪنزُ الايمان: اي محبوب تنهنجي رب جو قسم اهي مسلمان نه ٿيندا جيسيتائين پنهنجي جهيڙن ۾ توکي حاڪم نه بنائن پوءِ جو ڪجھ تون حڪم  فرمائين پنهنجي دلين ۾ ان بابت رڪاوٽ نه سمجهن. (پ5، النساء:65)

هن آيتِ مبارڪ جي حوالي سان تفسير صراط الجنان ۾ جيڪي مدني گل لکيل آهن، اچو! انهن مان ڪجھ ٻڌون ٿا: (1) هن آيتِ ڪريمه ۾ الله پاڪ پنهنجي رب هئڻ جي نسبت پنهنجي حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي طرف فرمائي ۽ فرمايو: اي حبيب! صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تنهنجي رب جو قسم. هي نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي عظيم شان آهي جو الله پاڪ پنهنجي پهچان پنهنجي حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ذريعي سان ڪرائي ٿو.

(2) (الله پاڪ) حضورصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو حڪم مڃڻ فرض قرار ڏنو ۽ ان ڳالھ کي پنهنجي رب هئڻ جي قسم سان پختو ڪيو.

(3)(الله پاڪ) حضورِ اڪرمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو حڪم مڃڻ کان انڪار ڪرڻ واري کي ڪافر قرار ڏنو.

(4) رسولِ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو حڪم دل ۽ جان سان مڃڻ ضروري آهي ۽ انهن جي باري ۾ دل ۾ به ڪا رڪاوٽ نه هئڻ گهرجي. انهيءَ ڪري آيت جي آخر ۾ فرمايو ته پوءِ پنهنجي دلين ۾ پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي حڪم جي متعلق ڪا رڪاوٽ نه لهو ۽ دل و جان سان تسليم ڪيو.

(5) هن مان اهو به معلوم ٿيو ته اسلامي احڪام جو مڃڻ فرض آهي ۽ انهن کي نه مڃڻ ڪفر آهي پڻ انهن تي اعتراض ڪرڻ. مذاق اڏائڻ ڪفر آهي.

(از تفسیرِ صراط الجنان، ۲/۲۳۹و ۲۴۰)

میں تو مالِک ہی کہوں گا کہ ہو مالک کے حبیب              یعنی محبوب و مُحِبّ میں نہیں میرا تیرا

(حدائقِ بخشش،ص۱۶)