Payare Aqaa Ki Payari Adaain

Book Name:Payare Aqaa Ki Payari Adaain

ذهن سازي ۽ ڪردارسازي ۾ هڪ ڪارگر هٿيار جو ڪم ڪري رهيو آهي، کوڙ ماڻهو پنهنجي مخصوص گمراهه ڪن، باطل نظريات ۽ عُرياني و فحاشي ڦهلائڻ جي لاءِ ڏينهن رات ان جو غلط استعمال ڪرڻ لڳا آهن، جنهن سبب نوجوان نسل انهن جي بُري اثرات ۽ افڪار جي وڪڙ ۾ اچي وئي۔ اهڙي ۾ هر درد مند دل جي بس هڪ ئي صدا هئي ته ڪاش! ڪوئي ميڊيا جي هن جنگ ۾ عقائدِ اهلِ سُنّت جي پاسباني جو عَلَم(يعني جھنڊو) کڻي ۽ پاڪيزگي و طهارتِ فڪر ۽ اصلاحِ عقائد و اعمال جو علمبردار هڪ خالص 100 فيصد اسلامي چينل شروع ڪري۔ مرڪزي مجلسِ شوريٰ وڏي شدّت سان محسوس ڪيو ته مسلمانن جي گھرن مان T.V ڪڍرائڻ قريب به ناممڪن آهي، بس هڪ ئي صورت نظر آئي ۽ اها هي ته جهڙي طرح دريا ۾ ٻوڏ ايندي آهي ته ان جو رخ فصلن وغيره جي طرف موڙيو ويندو آھي ته جيئن فصل به سيراب ٿين ۽ آبادين کي به تباهي کان بچائي سگھجي بلڪل انهيءَ طرح T.V ئي جي ذريعي مسلمانن جي گھرن ۾ داخل ٿجي ۽ انهن کي غفلت جي ننڊ مان بيدار ڪيو وڃي، جڏھن هن شعبي جي باري ۾ معلومات حاصل ڪئي وئي ته خبر پئي ته پنهنجو T.V چينل کولي، فلمن ڊرامن، ڳائڻ وڄائڻ، موسيقي جي ڌُنن ۽ عورتن جي نمائش کان بچندي 100 فيصد اسلامي مواد فراھم ڪرڻ ممڪن آھي ته اَلْحَمْدُ لِلّٰه دعوتِ اسلامي جي مرڪزي مجلسِ شُورٰي خوب جدوجهد ڪري رمضانُ المبارڪ 1429ھ سيپٽمبر (2008) کان مدني چينل جي ذريعي گهر گهر سنّتن جو پيغام عام ڪرڻ شروع ڪري ڏنو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ان جا حيرت انگيز مدني نتيجا سامهون اچڻ لڳا۔ ۽ ماڻهو سنت جا پابند بڻجڻ لڳا۔ اسان سڀ به مدني چينل ڏسندا رهون بلڪ ٻين کي به ان جي ترغيب ڏيندا رهون،

مدني چينل ڏسڻ جا ڪيئي فائدا آهن۔ مدني چينل ڏسڻ سان دِيني معلومات حاصل ٿيندي آهي، مدني چينل ڏسڻ سان عمل جو جذبه بيدار ٿيندو آهي، مدني چينل ڏسڻ سان ڪردار سٺو ٿيندو آهي، مدني چينل ڏسڻ سان گھر