Taqat-e-Mustafa

Book Name:Taqat-e-Mustafa

(2) اهڙي طرح اَبُوالۡاَسوَد جُمَحِي به وڏو طاقتور پهلوان هو، ان جي باري ۾ اچي ٿو ته هو ايترو طاقتور هو جو هڪ چمڙي تي ويهي رهندو هو ۽ ڏھ پهلوان ان چمڙي کي ڇڪيندا هئا ته جيئن هو چمڙو ان جي هيٺان نڪري وڃي پر اهو چمڙو ڦاٽي ٽڪرا ٽڪرا ٿي وڃڻ جي باوجود ان جي هيٺان نه نڪرندو هو۔ هڪ ڀيري ان به بارگاھِ اقدس ۾ اچي اهو چيلنج ڪيو ته جيڪڏهن رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مون کي ڪشتيءَ ۾ ڪيرائي وڌو ته مان مسلمان ٿي ويندس۔ حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان کان ڪُشتي وڙهڻ جي لاءِ اٿي بيٺا ۽ ان جو هٿ پڪڙيندي ئي ان کي زمين تي ڪيرائي ڇڏيو۔ هو پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي هن طاقتِ نبوت سان حيران ٿي يڪدم مسلمان ٿي ويو۔

                                                                                                    (زرقاني علي المواهب،الفصل الثاني فيما اڪرمه الله ...الخ ،۶/۱۰۳)

مجھ سے بے کس کی دولت پہ لاکھوں درود                        مجھ سے بے بس کی قُوّت پہ لاکھوں سلام

جس کو بارِ دو عالم کی پروا نہیں                        ایسے بازو کی ہمّت پہ لاکھوں سلام

(حدائقِ بخشش، ص۲۹۷-۳۰۳)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! غور ڪريو! الله پاڪ پنهنجي محبوب عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام کي ڪيتري جسماني طاقت عطا فرمائي هئي۔ ياد رکو! شهنشاھ مدينه، قرارِ قلب و سينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪڏهن به پيٽ ڀري کاڌو نه کاڌائون ۽ نه ئي پاڻ پهلواني ڏانهن متوجھ ٿيا هئا، ان جي باوجود به ايتري قدر طاقت ۽ توانائي جو سندن کان ظاهر ٿيڻ اهو سندن جو معجزو به آهي۔ ۽ پاڻ ڪريمن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي قلبِ اطهر جي طاقت ۽ قوت ته قرآنِ پاڪ مان به ظاهر آهي. سيپاري28 سورة الحشر آيت نمبر21 ۾ ارشاد ٿئي ٿو:

لَوْ اَنْزَلْنَا هٰذَا الْقُرْاٰنَ عَلٰى جَبَلٍ لَّرَاَیْتَهٗ خَاشِعًا مُّتَصَدِّعًا مِّنْ خَشْیَةِ اللّٰهِؕ-