Taqat-e-Mustafa

Book Name:Taqat-e-Mustafa

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! نيڪين جو وڌيڪ شوق ماڻڻ ۽ گناهن کان بچڻ جو ذهن بنائڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي پياري تحريڪ دعوتِ اسلامي سان وابسته ٿي وڃو۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه! دعوتِ اسلامي ڪم و بيش 107 شعبن ۾ دين متين جي خدمت ۾ مصروف عمل آهي، انهن مان هڪ شعبو ’’مجلس آئِمَّه مساجد‘‘ به آهي، جيڪو مَسجدن جي آبادڪاري جي لاءِ آئمَّه (امامن) خطيبن ۽ مُؤذِّنن جي تَقرُّرِي جو ڪم سَراَنجام ڏيندي آهي ۽ انهن جي خَيرخَواهي ڪندي مناسب مُشاهرو (پگھار) به مُقَرَّر ڪندي آهي، ته جيئن هي اسلامي ڀائر مُعاشي پريشانين مان آزاد ٿي خُوب خُوب نيڪي جي دعوت عام ڪندا رهن۔ مَسجدن کي آباد ڪرڻ ۾ امامن ۽ مُؤذِّنن جو اَهمّ ڪردار هوندو آهي۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته امام سڳورا، صداءِ مدينه، اِنفِرادي ڪوشش جي ذَريعي باجماعت نماز جي رَغبت، مَدَني درس، چوڪ درس، بعد نمازِ فَجر تفسيرِ قرآن جي حلقي ۾ شِرڪت ڪرڻ ڪرائڻ، ۽ سُنَّتن جي تربِيت جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مَدَني قافِلن جي بَرڪت سان مَسجدن کي آباد رکڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهي: جيڪو مسجد سان اُلفت (محبت) رکندو آهي، الله ان سان مَحَبَّت ڪندو آهي۔ (مُعْجَمُ اَوْسَط، ۴/۴۰۰،حديث: ۶۳۸۳) حضرت علّامه عبد الرّؤف مَنَاوِي رَحْمَةُ اللّٰه عَلَيه لکن ٿا: مسجد سان اُلفت، رِضاءِ الٰهي جي لاءِ ان ۾ اعتڪاف، نماز، ذِڪرُ الله ۽ شَرعي مَسئلا سکڻ سيکارڻ جي لاءِ ويٺو رهڻ جي عادت بنائڻ آهي ۽ الله پاڪ جو ان ٻانهي سان مَحَبَّت ڪرڻ هن طرح آهي جو الله پاڪ ان کي پنهنجي رَحمت ڀري ڇانوَ ۾ جڳھ عطا فرمائيندو آهي ۽ ان کي پنهنجي حِفاظت ۾ داخل فرمائيندو آهي۔ (فيض القدير، ۶/۱۱۲، تحت الحديث:۸۵۲۴)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: