Book Name:Taqat-e-Mustafa
ايندڙ هفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اِنْ شَآءَ الله! آئنده هفتيوار اِجتماع جو موضوع هوندو؛ ”فيضانِ رَبيعُ الْآخِر“ جنهن ۾ حُضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللّٰه عَلَيه جي سيرت جي حوالي سان ڪجھ مفيد ڳالهيون بيان ٿينديون، رَبيعُ الآخِر کي ڪهڙي نموني گذارڻ گھرجي، بزرگانِ دين رَحْمَةُ اللّٰه عَلَيهم هن مهيني جي مناسبت سان ڪهڙين عبادتن جو ذڪر فرمايو آهي هن حوالي سان ٻڌنداسين، آخر ۾ ماھِ رَبيعُ الْآخِر ۽ حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللّٰه عَلَيه جي نسبت سان يارهين جي تعريف ۽ ان جون برڪتون به بيان ٿينديون۔ لهٰذا! آئنده جمعرات به اجتماع ۾ حاضري جي نيت ڪريو، نه صرف پاڻ اچڻ جي بلڪ اِنفرادي ڪوشش ڪري ٻين کي به گڏ آڻڻ جي نيت ڪريو ۽ هٿ کڻي زور سان چئو: اِنْ شَآءَ الله
دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سنتن ڀري
اِجتِماع ۾ پڙهيا ويندڙ 6 درود شريف ۽ 2 دعائون
اَللّٰھُمَّ صَلِّ وَسَلِّمْ وَبَارِكْ عَلٰی سَیِّدِنَا مُحَمَّدٍ النَّبِیِّ الْاُمِّیِّ الْحَبِیْبِ الْعَالِی الْقَدْرِ الْعَظِیْمِ الْجَاہِ وَ عَلٰی اٰلِہٖ وَ صَحْبِہٖ وَ سَلِّمْ
بزرگن فرمايو آهي ته جيڪو شخص هر جمعرات (جمعه ۽ خميس جي وچين رات) هن دُرُود شريف کي پابندي سان گھٽ ۾ گھٽ هڪ ڀيرو پڙهندو موت جي وقت سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زيارت ڪندو ۽ قبر ۾ داخل ٿيڻ وقت به ايستائين هو ڏسندو ته سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان کي پنهنجي هٿن سان قبر ۾ داخل ڪري رهيا آهن. ([1])