Taqat-e-Mustafa

Book Name:Taqat-e-Mustafa

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! سُبْحٰنَ الله! اوهان ڏٺو ته اسان جا پيارا آقا، مديني وارا مُصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪيترا طاقتور ۽ اعلٰي اخلاق جا مالڪ هئا جو سامهون وارو وڙهڻ جي ڳالھ ڪري رهيو آهي ڪشتي جو چيلنج ڪري رهيو آهي، سخت لهجي ۾ ڳالھ ڪري رهيو آهي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي پر قُربان وڃجي حُسنِ اَخلاق جي پيڪر، محبوبِ رَبِّ دَاوَر صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خُلقِ عظيم تي جو سِر جو جواب پٿر سان ڏيڻ بدران حِلم و بُردباري، صبرو استقامت ۽ نرمي سان ڪم وٺندا رهيا۔

۽ اها رحمت عالم، شاھ بني آدم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پياري عادت هئي جو بداَخلاقي ڪرڻ، ڇڙٻڻ، ڌمڪيون ڏيڻ يا گُھورڻ يا ڪنهن به قسم جي بد اَخلاقي ڪرڻ واري سان به الفت ۽ پيار ڀريو برتاؤ ڪندا هئا، ۽ بداَخلاقي سان پيش اچڻ واري تي به لطف و ڪرم ڪندا هئا ۽ ان کي پنهنجي حسين اَدائن جو اَسِير (قيدي) بڻائيندا ها۔ حضرت بي بي عائشه صديقه رَضِىَ اللهُ عَنْها فرمائن ٿيون ته رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ راھ خدا ۾ جهاد جي علاوه ڪڏهن ڪنهن شيء، عورت يا خادم کي پنهنجي دستِ اقدس سان نه ماريائون، ۽ نه ئي ايذاء پهچڻ تي ايذاء ڏيڻ واري کان بدلو ورتائون، البت جڏهن الله پاڪ جي حُرمت کي ٽوڙيو ويندو هو ته رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ الله پاڪ جي لاءِ ان کي سزا ڏني۔

( مسلم،ڪتاب الفضائل،باب مباعدتهٖ للآثام۔۔۔ الخ، ص۹۷۸، حديث:۶۰۵۰)

رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي انهيءَ اَخلاقِ ڪريمانه جي برڪتن سان فيضياب ٿي ڪيئي ماڻهن اِسلام قبول ڪيو ۽ بي شُمار ماڻهن جي زندگين ۾ اهڙو مدني انقلاب پيدا ٿيو جو هر پاسي اسلام جي ڦهلجڻ واري روشني گمراهي ۽ ضلالت جي اونداھين کي مٽائي ڇڏيو ۽ قتل و غارت گَري ڪرڻ وارن رت جي پياسن کي جامِ محبت پيئڻ نصيب ٿيو۔

دَورِ جہالت تھا ہر سُو جب کُفْر کی ظُلمت چھائی تھی

تم نے حیوانوں جیسے لوگوں کو بھی اِنسان کیا