Taqat-e-Mustafa

Book Name:Taqat-e-Mustafa

ان مان هڪ روشني نڪرندي هئي ۽ ان روشني ۾ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ شام ۽ اِيران ۽ يمَن جي شهرن کي ڏسي ورتائون ۽ انهن ٽنهي مُلڪن جي فَتح ٿيڻ جي صَحَابَه ڪرامعَلَيهمُ الرِّضْوَان کي بِشَارَت ڏنائون۔

(المواھب اللدنية مع شرح الزرقاني،باب غزوة الخندق...الخ، ۳/۳۱ (

پيارا پيار اسلامي ڀائرو! هڪ ٻي روايت ۾ هي به آهي ته حَضرت سَيدُنا جَابِر رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا ته مسلسل بُک سبب نبي اڪرم، رسولِ محتشم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي شڪمِ اَقدَس (پيٽ مبارڪ) تي پٿر ٻڌل ڏسي منهنجي دل ڀرجي آئي، مان حُضُورصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان اِجازَت وٺي پنهنجي گھر موٽيس ۽ پنهنجي گھرواريءَ کي چيم ته مون نبي اَڪرَم، نُورِ مُجَسّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ايتري قَدر شديد بک جي حالت ۾ ڏٺو آهي جو مون ۾ صَبر جي تاب ناهي رهي۔ ڇا گھر ۾ ڪجھ کاڌو آهي؟ هو چوڻ لڳي ته گھر ۾ هڪ صَاع (تقريباً چار ڪلو) جَوَن جي علاوه ٻيو ڪجھ به ناهي، مون چيو ته تون جلدي سان انهن جَون کي پيهي ڳوهي وٺ، پوءِ مون پنهنجي گھر جي سانڍيل هڪ ٻڪري جو ٻچو ذَبح ڪري ان جون ٻوٽيون ٺاهيون ۽ گھرواريءَ کي چيم ته جَلد کان جَلد ٻوڙ ۽ مانيون تَيار ڪري وٺ، مان حُضُور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي سڏي اچان ٿو، وڃڻ مهل گھرواري چوڻ لڳي: ڏسو! آقا عَلَيه الصَّلٰوة وَالسَّلَام جي عِلاوه صِرف ڪجھ ئي اَصحاب کي گڏ آڻجو، ڇوته کاڌو گھٽ آهي، وڌيڪ ماڻهو آڻي مون کي رُسوا (Disgrace) نه ڪجان۔

حَضرت سيدنا جابر رَضِىَ اللهُ عَنْه خَندق وٽ اچي آهسته سان عَرض ڪيو: يارَسُولَ الله!صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هڪ صاع اٽي جون مانيون ۽ هڪ ٻڪري جي ٻچي جو گوشت مون گھر ۾ تيار ڪرايو آهي، تنهنڪري اوهان ڪجھ ماڻهن سان گڏ هلو ۽ ماني کائي وٺو، اهو ٻڌي حُضُور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو ته اي خَندق وارو! جابر دَعوتِ طَعام (کاڌي جي دعوت) ڏني آهي، تنهنڪري سڀئي ماڻهو ان جي گھر هلي کاڌو کائي وٺو، پوءِ مون کي فرمايائين ته جيستائين مان نه اچان مانيون نه پچائجان، پوءِ جڏهن حُضُورصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تَشريف فرما ٿيا ته ڳوهيل اٽي ۾ پنهنجو لُعابِ دَهن (مبارڪ ٿُڪ) وجھي بَرَڪت جي دُعا ڪئي ۽ گوشت جي ديڳڙيءَ ۾ به پنهنجو لُعابِ دَهن وڌائون۔ پوءِ ماني پچائڻ جو حڪم ڏنائون ۽ فرمايائون ته ديڳڙي چُلھ تان لاٿي نه وڃي۔ جڏهن مانيون پچي ويون