Taqat-e-Mustafa

Book Name:Taqat-e-Mustafa

ته حَضرتِ سَيدُنا جابر رَضِىَ اللهُ عَنْه جي گھرواريءَ ديڳڙي مان گوشت ڪڍي ڏيڻ شُروع ڪيو، هڪ هزار صَحَابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان ڍئو ڪري کاڌو پر ڳوھيل اٽو اوتري جو اوترو ئي رھجي ويو ۽ ديڳڙي به چُلھي تي ٽهڪندي رھي۔

)بخاري،ڪتاب المغا زي، باب غزوۃ الخندق. ..الخ ،۳/۵۱ حديث:۴۱۰۱،۴۱۰۲ ملخصا)

حضرت جابر رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا ته پوءِ نبي ڪريم، رسولِ عظيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هڪ ٿانوَ جي وچ ۾ هڏين کي جمع ڪيو ۽ انهن جي مٿان پنهنجو هٿ مبارڪ رکي ڪجهه ڪلام پڙهيائون جنهن کي مون نه ٻُڌو، هينئر جنهن جو گوشت کاڌو ويو اها ئي ٻڪري هڪدم ڪن ڇنڊيندي اٿي بيٺي! پاڻ صَلَّي اللهُ تَعَالٰي عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مون کي فرمايو پنهنجي ٻڪري ڪاهي وڃو! مان ٻڪري پنهنجي گهرواريءَ وٽ آندي. هوءَ (حيرت مان) چوڻ لڳي، هي ڇا؟ مون چيو، وَالله! هيءَ اسان جي اها ئي ٻڪري آهي جنهن کي اسان ذَ بح ڪيو هو. دعاءِ مصطفيٰ صَلَّي اللهُ تَعَالٰي عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان الله تعاليٰ هن کي زندهه ڪيو آهي! اهو ٻُڌي سندن گهرواري رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا بي اختيار چوڻ لڳي، مان گواهي ٿي ڏيان ته بيشڪ اهي الله پاڪ جا رسول صَلَّي اللهُ تَعَالٰي عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهن۔ (الخصائصُ الڪبرٰي، ۲/ ۱۱۲)

مُردوں کو جِلاتے ہیں رَوتوں کو ہنساتے ہیں                      آلام مٹاتے ہیں بگڑی کو بناتے ہیں

سرکار کِھلاتے ہیں سرکار پِلاتے ہیں                                سلطان و گدا سب کو سرکار نبھاتے ہیں

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

      اي عاشقانِ رسول! هن واقعي مان اسان کي ڪيئي درس ملن ٿا، غور ڪريون ته هڪ چٽان جيڪا ڪيئي صحابه ڪرام گڏجي به ٽوڙي نه سگھيا آقا ڪريم، رسولِ عظيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ باوجود ان جي جو ڪيئي ڏينهن کان بکايل هئا، ڪجھ نه کاڌو هو۔ پيٽ مبارڪ تي پٿر ٻڌل هئا پر پوءِ به جڏهن پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي دَستِ مُبارَڪ سان هڪ ئي پاهوڙو هنيو ته اها سڄي چٽان واريءَ جي ذرڙن وانگر ڀورا ڀورا ٿي وئي۔ هن مان معلوم ٿيو ته مديني جا سلطان، محبوبِ رحمٰن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هرگز اسان جهڙا نه آهن۔ حضور جھڙو نه ڪو ٻيو ٿيو آهي ۽ نه ٿي سگھي ٿو۔ اعليٰ حضرت، امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ