Isteqmat Kamyabi Ka Raaz Hai

Book Name:Isteqmat Kamyabi Ka Raaz Hai

مجھ کو ”قفل مدینہ“ پر یارب                                           تو عنایت مداومت فرما

یا خدا مدنی قافلوں پر بھی                                                 تو عنایت مداومت فرما

کاش چھوڑوں نہ ”مدنی انعامات“                                                                  تو عنایت مداومت فرما

(وسائلِ بخشش مرمم، ص۷۵)

 صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

(3) ميانه روي اختيار ڪريون

     ڪنهن به مقصد ۾ استقامت حاصل ڪرڻ  لاءِ ضروري آهي ته جنهن عمل کي شروع ڪريو ان ۾ ابتداءً جلدي نه ڪريو بلڪ ان ۾ ميانه روي اختيار ڪريو، پوءِ آهسته آهسته ان ۾ اضافو ڪندا وڃو، ڇوته جلدباز انسان تمام جلد ئي همت هاري ويهندو آهي، جنهن جي ڪري ان ڪم ۾ استقامت حاصل ناهي ٿيندي، تنهنڪري اوهان جيڪڏهن استقامت حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا ته ان ڪم ۾ ميانه روي اختيار ڪريو، مثال طور ڪو اسلامي ڀاءُ روزانو تلاوتِ قرآن ڪرڻ تي استقامت حاصل ڪرڻ چاهي ٿو ته ان کي گھرجي ته شروع ۾ هڪ، ٻه رڪوع جي تلاوت جي عادت بڻائي پوءِ انهيء تي عمل ڪندو رهي، جڏهن ڏسي ته هاڻي منهنجو اهو معمول بڻجي چڪو آهي ته مزيد هڪ رڪوع جو اضافو ڪري ۽ روزانو ڪجھ نه ڪجھ وڌائيندو وڃي ته هن طرح استقامت ماڻڻ ۾ ڪاميابي حاصل ٿي ويندي ۽ تلاوت قرآن ڪريم جي عادت بڻجي ويندي۔ اهڙي طرح ٻِن ڪمن تي استقامت حاصل ڪري سگهجي ٿي. ياد رهي ته هي تفصيل نفلي عبادتن جي لاءِ آهي، جيسيتائين تعلق فرض ۽ واجب عبادت جو آهي ته اهي شرائط سان لاڳاپيل آهن ته جڏهن شرط ڏٺا ويا ته اهي انهيءَ وقت کان استقامت سان ادا ڪيا ويندا. مثلاً نماز فرض ٿيندي ئي ان تي استقامت حاصل ڪرڻ ضروري ٿيندو، ائين ناهي ته پهريان هڪ ٻه نمازن جي عادت بڻجي وڃي ته پوءِ آهسته آهسته وڌندو وڃي. الله پاڪ اسان کي تمام