Isteqmat Kamyabi Ka Raaz Hai

Book Name:Isteqmat Kamyabi Ka Raaz Hai

تي پئي، پاڻ ڏٺائون ته سڄي پٺيءَ تي سفيد سفيد زخمن جا نشان آهن۔ ته حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنْه پڇيو: اي خباب! اهي توهان جي پٺي تي زخمن جا نشان ڇا جا آهن؟ ته پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه جواب ڏنائون: اي اَمِيرُالمَومِنِين اوهان کي انهن زخمن جي ڪهڙي خبر؟ هي ان وقت جو داستان آهي جڏهن اوهان اگھاڙي تلوار کڻي حضور رحمة للعالمينصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي شهيد ڪرڻ  لاءِ ڊڪندا وتندا هئا۔ ان وقت اسان محبّتِ رسول جو ڏيئو پنهنجي دل ۾ ٻاريو هو ۽ مسلمان ٿياسين۔ ان وقت غير مسلمن مون کي باھ جي ٻرندڙ ڪوئلن تي پٺيءَ ڀر ليٽائي ڇڏيو، منهنجي پٺي تان ايتري چرٻي ڳري جو ڪوئلا وسامي ويا ۽ مان ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيهوش رهيس، پر ربِّ ڪريم جو قسم! جڏهن مون کي هوش آيو ته سڀ کان پهريان زبان مان ڪلمو لَا اِلٰه اِلَّا اللّٰه مُحَمَّدٌ رَّسُوْلُ اللهنڪتو۔ اَمِيرُ المَومِنِين حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنْه روئڻهارڪو ٿي فرمايائون: اي خباب! قميص مٿي ڪريو! مان توهان جي ان پٺيءَ جي زيارت ڪندس۔ اها پٺي ڪيتري مبارڪ ۽ مقدّس آهي جيڪا محبّتِ رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڪري باھ ۾ ساڙي وئي آهي۔ (الطبقات لابن سعد،رقم۴۳،خباب بن الارت، ۳/۱۲۳ماخوذا)

 

میں نام پر تیرے واری جاؤں                                         میں عشق میں تیرے سر کٹاؤں

دو ایسا جذبہ دو ایسی ہمت                                                                              نبیِ رحمت شفیعِ اُمَّت

(وسائلِ بخشش مُرمم،ص۲۰۷)

 

      اي عاشقانِ صحابه! ٿورو سوچيو! صحابَه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضوَان اسلام جي سَربُلندي لاءِ ڪهڙيون ڪهڙيون قربانيون ڏنيون، طرح طرح جي تڪليفن کي برداشت ڪيو، پر پوءِ به انهن جي صبر و استقامت ۾ ڪا ڪمي نه آئي، اهو ئي سبب آهي جو صَديون گُذرڻ باوجود به انهن جي عظيم قُربانين ۽ ايمان تي ثابت قدمي جا چرچا اڄ به هر پاسي گونجي رهيا آهن۔  تنهنڪري اسان کي به گھرجي ته اسان صرف ڳالهيون ڪرڻ، فارغ ويهڻ، فُضوليات ۾ وقت وڃائڻ ۽ حِيلا بهانا ٺاهڻ جي بدران عملي طور تي انهن الله وارن جي نقشِ قدم تي