Isteqmat Kamyabi Ka Raaz Hai

Book Name:Isteqmat Kamyabi Ka Raaz Hai

هلون،. ڪٿي ائين ته ناهي جو رات دير تائين هوٽلن تي ويهي ٽائم برباد ڪرڻ تي ته استقامت آهي، هفته وار اجتماع ۽ مدني مذاڪرن ۾ شرڪت ڪرڻ تي استقامت ناهي. ڪٿي ائين ته ناهي جو مسلمانن جي دل آزاري ڪرڻ تي ته استقامت آهي، مسلمانن سان حسنِ سلوڪ ڪرڻ تي استقامت ناهي، ٻين کي نيڪي جي دعوت ڏيڻ تي استقامت ناهي. ڪٿي ائين ته ناهي جو گانا باجا ٻڌڻ ۽ فلمون ڊراما ڏسڻ تي ته استقامت آهي، ديني ڪتابن جو مطالعو ڪرڻ تي استقامت ناهي. ڪٿي ائين ته ناهي جو هر اچڻ واري فلم ڏسڻ لاءِ سينما گهرن جي طرف وڃڻ تي ته استقامت آهي، مسجد جي طرف وڃڻ تي استقامت ناهي. ڪٿي ائين ته ناهي جو سوشل ميڊيا تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ وقت ضايع ڪرڻ تي ته استقامت آهي، دين جي ڪمن ۾ ڪجھ منٽ ڏيڻ تي استقامت ناهي.

پيارا اسلامي ڀائرو! سوچو ۽ دين جي ڪمن ۾ استقامت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو.

          ياد رکو! تاريخ شاهد آهي ته جن ماڻهن نيڪ عملن تي استقامت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته الله پاڪ انهن کي اهڙو مقام ۽ مرتبو عطا فرمايو  جو ڪنهن کي صحابي هئڻ جو مقام ۽ مرتبو نصيب ٿيو ته ڪنهن کي تابعين ۾ سڀ کان افضل هئڻ جو مقام مليو۔ ڪنهن کي تمام اوليائن جي سرداري نصيب ٿي ته ڪنهن کي پنهنجي وقت جو مجدِّد ٿيڻ جو منصب نصيب ٿيو۔ ڪنهن کي وقت جي امام ٿيڻ جو منصب مليو ته ڪنهن کي محدّث ٿيڻ جو منصب نصيب ٿيو ۽ قيامت تائين ايندڙن جي دلين ۾ انهن جي محبّت بيدار رهندي، اچو! الله وارن جي استقامت جا ڪجھ مختصر واقعا ٻڌون ٿا: جيئن

      اَمِيرُالمومِنِين حضرتِ عثمانِ غنيرَضِىَ اللهُ عَنْه تلاوتِ قرآن تي اهڙي استقامت حاصل ڪئي جو مڪمل قرآنِ ڪريم هڪ رڪعت ۾ پڙھندا هئا۔ (المستطرف،۱/۳۴)

      امامِ اعظمرَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه گھٽ ڳالهائڻ تي اهڙي استقامت حاصل ڪئي جو