Isteqmat Kamyabi Ka Raaz Hai

Book Name:Isteqmat Kamyabi Ka Raaz Hai

نفل پڙهندا هئا.

      حضرت ثابت بن اسلم بناني رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي پنجاھ(50) سالن تائين ڪڏهن تهجد جي نماز قضا ڪانه ٿئي. پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه سڄي رات نفل پڙهندا ها ۽ صبح روئي روئي اها دعا فرمائيندا ها ته اي الله پاڪ جيڪڏهن تون پنهنجي ڪنهن ٻانهي کي قبر ۾ نماز پڙهڻ جي اجازت ڏئين ته مونکي ضرور اجازت ڏجانءِ ته مان پنهنجي قبر ۾ نماز پڙهندو رهان. پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه سڄي رات نفل پڙهڻ کان علاوه روزانو سڄو قرآن پاڪ ختم ڪندا ها ۽ هميشہ روزيدار رهندا ها.

12 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ”صَداءِ مدينه“

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هي هئا الله وارن جي نيڪ ڪمن تي استقامت جا معمولات. اي ڪاش جو اسان کي به انهن جي صدقي اسقامت ملي وڃي. الله وارن جي سيرت تي هلڻ، گُناهن کان بچڻ، نيڪين تي اِستقامت جي دولت ماڻڻ جي لاءِ عاشِقانِ رَسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته رهي ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حِصَّو وٺو۔ ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ”صداءِ مدينه“ لڳائڻ به آهي۔ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول ۾ مسلمانن کي نمازِ فجر جي لاءِ جڳائڻ کي ”صَداءِ مدينه“ لڳائڻ چيو ويندو آهي۔ هن مدني ڪم جو رِسالو ”صداءِ مدينه“ جي نالي سان ڇپجي چڪو آهي۔ ان ۾ ڏنل طريقيڪار مطابق هن مدني ڪم کي فروغ ڏيو۔

٭ اَلْحَمْدُ لِلّٰه ”صَداءِ مدينه“ جي برڪت سان نمازِ تهجد جي سعادت ملي سگھي ٿي۔ ٭ "صداءِ مدينه" جي برڪت سان نماز جي حفاظت ٿيندي آهي۔ ٭ "صداءِ مدينه" جي برڪت سان مسجد جي پهرين صف ۾ تڪبيرِاُوليٰ سان فجر نماز جي ادائيگي ٿي سگھي ٿي۔ ٭ "صداءِ مدينه" جي برڪت سان "نيڪي جي دعوت" ڏيڻ جو ثواب به حاصل ڪري سگھجي ٿو۔ ٭ "صداءِ مدينه" جي برڪت سان دعوتِ اسلامي جي نيڪ نامي ۽ تشهير ٿيندي۔ ٭ "صداءِ مدينه" لڳائڻ