Isteqmat Kamyabi Ka Raaz Hai

Book Name:Isteqmat Kamyabi Ka Raaz Hai

وارو باربار مُسلمانن کي حج ۽ مٺو مدينو ڏسڻ جي دُعا ڏيندو آهي، الله پاڪ چاهيو ته اهي دُعائون، ان جي حق ۾ به قبول ٿينديون۔ ٭ "صداءِ مدينه" ۾ پيدل هلڻ جي برڪت سان صحت به سٺي ٿيندي۔ ٭ "صداءِ مدينه" لڳائڻ مسلمانن کي نمازِ فجر لاءِ جاڳائڻ آهي، مسلمانن کي نمازِ فجر لاءِ جاڳائڻ سُنّتِ مصطفيٰ آهي، مسلمانن کي نمازِ فجر لاءِ جاڳائڻ سنت حيدري ۽ سنت فاروقي آهي! جيئن

اَمِيرُالمؤمنين حضرت سَيدُنا عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللّٰهُ عَنْه نمازِ فجر  لاءِ ماڻهن کي جاڳائيندي مسجد تشريف فرما ٿيندا هئا۔ (طبقات ڪبريٰ، ذڪر استخلاف عمر، ۳/۲۶۳ مفهوماً)

اچو! ترغيب لاءِ صداءِ مدينه لڳائڻ بابت هڪ مَدَني بهار ٻڌو ۽ خوش ٿيو،

صَداءِ مدينه جي بَرَڪت سان فَيضانِ مدينه لاءِ زمين ملي

هڪ اسلامي ڀاءُ عاشِقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دَعوَتِ اِسلَامي جي مَدَني قافِلي سان گڏ هڪ شهر ۾ ويا، اَذانِ فَجر بعد اهي صداءِ مدينه لڳائيندا وڃي رهيا هئا ته اوچتو هڪ گھر مان هڪ ماڊرن نوجوان به انهن سان گڏ هليو ۽ ان فَجر جي نَماز مَسجِد ۾ باجَمَاعَت ادا ڪئي۔ بعد ۾ ان نوجوان جو والِد مَدَني قافِلي وارن عاشِقانِ رسول سان ملڻ آيو۔ جيڪو هڪ مالدار شخص هو۔ اُن اچي ٻڌايو ته صداءِ مدينه جي بَرَڪت سان ان جو نافرمان ماڊرن (Modern) بي نَمازي پٽ پَنج وَقت نَماز پڙھڻ لڳو آهي۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه ان ماڊرن نوجوان جي والِد ان شهر ۾ مَدَني مَرڪز فَيضانِ مدينه  لاءِ زمين به ڏني۔

لگا فَجْر میں بھائی گھر گھر پہ جاکر                                              ذرا دل لگا کر ’’صدائے مدینہ‘‘

(وسائلِ  بخشش مُرمَّم،ص۳۶۹)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد 

 پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان استقامت جي حوالي سان بيان ٻڌي رهيا هئاسين، جهڙي طرح اسان جا بزرگ سڳورا راھِ خدا ۾ پيش ايندڙ مصيبتن ۽ تڪليفن جي باوجود صبر ۽ استقامت جا پيڪر بڻيل رهيا، اهڙي طرح