Isteqmat Kamyabi Ka Raaz Hai

Book Name:Isteqmat Kamyabi Ka Raaz Hai

صحابيات ۽ خواتينِ اسلام به هن راھ ۾ ڪيئي اذيتن کي برداشت ڪيو، پنهنجو گھر لُٽائي ڇڏيو، رت جي رشتن کي خوشي خوشي موت جي حوالي ڪري ڇڏيو، پنهنجي اباڻي سرزمين کي ڇڏي پري وڃي ڪٿي رهڻو پيو ته رهيا پر تڏهن به انهن جا حَوصَلا ڪڏهن پَست نه ٿيا، انهن کي تتل وارِيءَ تي ليٽايو ويو، ٽهڪندڙ ڪوئلن تي وڇايو ويو، لوهي لِباس پارائي سج جي گرمي ذريعي تڙپايو ويو، انهن جي ٻارن ۽ گھروارن کي نظرن جي سامهون سولي تي لٽڪايو ويو، پر پوءِ به انهن جي استقامت ۾ ڪو فرق نه آيو، اچو! ترغيب جي لاءِ هڪ واقعو ٻڌون ٿا: جيئن

حضرتِ سُمَيّه جي استقامت

      مڪتبةُ المدينه جي رسالي ” صحابیات اوردِین کی خاطرقربانیاں “ جي صفحي 2 تي آهي: رسولِ اَڪرم، شاه ِبني آدم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جڏهن حضرتِ سُـمَيه رَضِىَ اللهُ عَنْها کي پنهنجي پٽ حضرتِ عمّاررَضِىَ اللهُ عَنْه ۽ مڙس حضرتِ ياسِر رَضِىَ اللهُ عَنْه سميت مڪي پاڪ جي تتل واريءَ تي ايذاء ڏيندي ڏسندا ها ته فرمائينداها: صَبْرًا يا آلَ ياسِرِ يعني اي آلِ ياسِر! صَبر ڪريو! مَوْعِدُڪمُ الْجَنَّة توهان جي لاءِ جنّت جو واعدو آهي۔ مڪي وارن خاص ڪري اسلام جي دشمن ابوجهل ڪهڙو سِتَم هو جيڪو انهن تي نه ڪيو، ان کي بس هن ڳالھ کان سمجھي وٺو جو پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْها کي لوهي جي زِره پارائي سَخت اُس ۾ بيهاريو ويندو هو۔ (الاصابه،رقم۱۱۳۴۲، سميه بنت خباط،۸ / ۲۰۹۔ اسد الغابه،رقم۷۰۱۴،سميه ام عمار،۷/۱۶۷، ماخوذا)

اِستقامت دِین پر مجھ کو عطا فرمائیے

یَارَسولَ اللہ برائے آلِ یاسِر یانبی!

(وسائلِ بخشش مُرَمَّم،ص۳۷۸)

       پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ٿورو تَصَوُّر ڪريو! عَرب ۾ سج جي تمام گهڻي تَپِش ۽ وري لوھ جي لِباس ۾ حضرتِ سُمَيه رَضِىَ اللهُ عَنْهَا جو ڪهڙو حال هوندو، پر قُربان وڃجي! اسلام جي هن پهرين شهيده جي عَظَمَت ۽ اِستِقَامَت تي! سندن