Isteqmat Kamyabi Ka Raaz Hai

Book Name:Isteqmat Kamyabi Ka Raaz Hai

جي دل ۾ الله ۽ ان جي رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مَحَبَّت ان طرح گھر ڪري چڪي هئي جو ايتري سَخت تڪليفن جي باوُجود پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْهَا اسلام جو دامَن نه ڇڏيو، بلڪ ڄمي انهن مُشڪل حالتن جو مُقَابَلو ڪيو، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْهَا جي ان صَبر ۽ اِستِقَامَت ۾ اسان لاءِ درس آهي۔

   پر افسوس! اڄوڪي دور ۾ اسان ننڍين ننڍين تڪليفن ۽ پريشانين جي ڪري دلبرداشته ٿي نيڪ عملن ۾ ثابت قدم نه رهندا آهيون، ڪڏهن فرض ۽ واجبات ۾ سستي ڪندا آهيون ته ڪڏهن ڪنهن جي ڳالھ ٻڌي نيڪي جي دعوت ڏيڻ جهڙي عظيم نيڪي کي ڇڏي ڏيندا آهيون، ڪڏهن رشتيدارن ۽ دوستن جي ڳالھين جي ڪري تلاوتِ قرآن جي عادت ڇڏي ڏيندا آهيون ته ڪڏهن گھر وارن جي ڳالهين سان دل ننڍو ڪري سنتن کان پري ٿي ويندا آهيون، مطلب ته في زمانه! دوستن، گھروارن ۽ ٻين رشتيدارن جي ڳالهين جي ڪري اسان جي همت ٽٽي ويندي آهي، اسان نيڪ عملن ۽ سنتن کي ڇڏيندي نظر ايندا آهيون۔ اي ڪاش جو اسان کي نيڪ عملن تي استقامت حاصل ٿي وڃي۔ اچو! گڏجي دعا ڪريون ٿا:

عبادت میں گزرے مِری  زندگانی                         کرم ہو کرم یا خُدا یا الٰہی!

(وسائلِ بخشش مُرمَّم،ص۱۰۵)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

  پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان حضرت سُمَيه رَضِىَ اللهُ عَنْهَا جي ايمان تي استقامت جو واقعو ٻڌو جنهن سان اسان جو به نيڪ عملن تي استقامت، راھ خدا ۾ ايندڙ آزمائشن، مصيبتن ۽ تڪليفن جي باجود صبرو استقامت تي قائم رهڻ ۽ ايمان تي ثابت قدم رهڻ جو ذهن بڻيو هوندو پر اسان ڪجھ ڏينهن نيڪ عمل ڪري وري پري ٿي ويندا آهيون، اسان کي انهن عملن تي استقامت حاصل ناهي ٿيندي، آخر اهي ڪهڙيون شيون آهن جيڪي هن راھ ۾ رڪاوٽون آهن،