Isteqmat Kamyabi Ka Raaz Hai

Book Name:Isteqmat Kamyabi Ka Raaz Hai

اللہ کرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں                                   اے دعوتِ اِسلامی تِری دُھوم مچی ہو

 صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])

اُن کی سُنَّت کا جو آئنہ دار ہے                                         بس وُہی تَو جہاں میں سمجھدار ہے

(وسائلِ بخشش مُرمَّم،ص۴۷۲)

  قناعت بابت ڪجھ مدني گل ۽ قناعت اپنائڻ جا طريقا

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اچو!  قناعت جي باري ۾ ڪجھ نڪتا ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون ٿا۔ پهريان 2 فرمانِ مُصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ملاحظه ڪريو: (1) فرمايائون: قناعت ڪڏهن نه خَتم ٿيڻ وارو خزانو آهي۔ (الزھد للبيھقي،الجزء الاول من ڪتاب…الخ،ص۸۸،حديث:۱۰۴) (2) ارشاد فرمايائون: بيشڪ ڪامياب ٿي ويو اهو شخص جيڪو اِسلام کڻِي آيو ۽ ان کي بَقَدرِ ڪفايت رِزق ڏنو ويو ۽ الله پاڪ ان کي جيڪو ڪجھ ڏنو ان تي قناعت به عطا فرمائي۔ (مسلم، ڪتاب الزڪاة، باب في الڪفاف والقناعة، ص۴۰۶، حديث:۲۴۲۶) ٭ انسان کي جيڪو ڪجھ الله پاڪ جي طرفان ملي وڃي ان تي راضي ٿي زندگي گذاريندي حرص ۽ لالچ کي ڇڏي ڏيڻ کي قناعت چوندا آهن۔ (جنتي زيور،ص۱۳۶بتغير قليل) ٭ روزمرّه اِستِعمال ٿيڻ وارين شين جي نه هئڻ تي به راضي رهڻ قناعت آهي۔ (التعريفات للجرجاني،باب القاف،تحت اللفظ: القناعة،ص۱۲۶) ٭ لالچ نهايت ئي بُري خَصْلَت ۽ نِهايت خراب عادت آهي، الله پاڪ جي طرفان ٻانهي کي جيڪو رِزق ۽ نعمت ۽ مال ۽ دَولت يا جاه (يعني عزّت) ۽ مَرتَبو مليو آهي، ان تي راضي ٿي قناعت ڪرڻ گھرجي۔ (جنتي زيور،۱۱۰ملخصا) ٭ بلعم بن باعوراء جيڪو


 

 



[1]مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵