Isteqmat Kamyabi Ka Raaz Hai

Book Name:Isteqmat Kamyabi Ka Raaz Hai

تمام وڏو عالم ۽ مستجاب الدعوات هو، حرص ۽ لالچ ان کي دنيا ۽ آخرت ۾ تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو۔ (ملفوظاتِ اعليٰ حضرت، ص۳۶۷ ماخوذا) ٭ الله پاڪ فرمائي ٿو: اهو شخص منهنجي ويجھو سڀ کان وڌيڪ مالدار آهي جيڪو منهنجي ڏنل شيء تي سڀ کان وڌيڪ قناعت ڪرڻ وارو آهي۔ (ابنِ عساڪر ،رقم ۷۷۴۰، موسيٰ بن عمران ،۶۱/ ۱۳۹ ملخصا)

٭ قناعت اپنائڻ لاءِ احاديثِ ۽ بزرگانِ دين جي اقوالن جو مطالعو ڪيو. ٭ الله پاڪ تي مضبوط يقين رکو ۽ هن ڳالھ کي دل ۾ سمائي ڇڏيو ته منهنجو سمورو حال الله پاڪ ڄاڻي ٿو. ٭ آخرت جي حساب کان پاڻ کي ڊيڄاريو ۽ پنهنجي تنگ حالت کي آخرت لاءِ بهتر بنائڻ جي ارادي سان صبر اختيار ڪيو. ٭ اهڙن ماڻهن جي صحبت اختيار ڪيو جيڪي قناعت پسند هجن ۽ هرحال ۾ الله پاڪ جو شڪر ادا ڪرڻ وارا هجن. ٭ مال ۽ دولت جي حرص ختم ڪيو، هن لاءِ دنيا جي فنا ٿيڻ ۽ آخرت ۾ هميشہ باقي رهڻ وارين نعمتن جي ملڻ کي ذهن ۾ رکو. ٭ الله پاڪ سان دعا به ڪيو ته هرحال ۾ خوش رهڻ ۽ صبر ۽ شڪر ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد 

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب “سنتیں اورآداب” هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

ايندڙ هفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اِنْ شَــآءَالـلّٰـه آئنده هفتي جي بَيان جو موضوع هوندو؛ ”صفائي جي اهميت“ هن بيان ۾ اسان ٻڌنداسين قرآن ۽ احاديث ۾ صفائي جي جيڪا اهميت بيان ٿي آهي، صفائي جي حوالي سان اسلام اسان کي ڪهڙي تعليم