Isteqmat Kamyabi Ka Raaz Hai

Book Name:Isteqmat Kamyabi Ka Raaz Hai

مثال طور ڪو شخص نمازن جي پابندي تي استقامت حاصل ڪرڻ چاهي ٿو پر ڪجھ ڏينهن کان پوءِ سستي ٿي ويندي آهي۔ ڪو شخص تلاوتِ قرآن تي استقامت حاصل ڪرڻ چاهي ٿو پر ڪجھ ڏينهن کان پوءِ پابندي نصيب ناهي ٿيندي۔ اچو! هنن ڪمن تي استقامت حاصل ڪرڻ جا طريقا ٻڌون ٿا۔

(1) سچي نيت

    ڪنهن به نيڪ عمل تي استقامت جي لاءِ سڀ کان پهريان استقامت جي سچي نيت يعني دل ۾ استقامت حاصل ڪرڻ جو پختو ارادو هئڻ نهايت ضروري آهي جڏهن استقامت جي پڪي نيت هوندي ۽ ان لاءِ ڪوشش به ڪبي ته خدا پاڪ چاهيو ته اها عظيم دولت ضرور حاصل ٿيندي۔

ارادے جن کے پختہ ہوں نظر جن کی خدا پر ہو                                                   تلاطُم خیز موجوں سے وہ گھبرایا نہیں کرتے

  (2) بارگاھه الٰهي ۾ دعا

  هرهر استقامت جي دعا گهرڻ سان به استقامت جي بهترين دولت نصيب ٿي سگهي ٿي. تنهنڪري هرهر پنهنجي رب ڪريم جي حضور دعا ڪيو ۽ گڙگڙايو ته مالڪ ۽ موليٰ پنهنجي فضل سان نيڪ ڪمن تي استقامت عطا فرمائي ياد رکو! حديثِ پاڪ ۾ دعا مؤمن جو هٿيار قرار ڏنو ويو آهي تنهنڪري هن هٿيار کي استعمال ڪيو ۽ استقامت جي خيرات پنهنجي رب ڪريم کان هرهر پوري خلوص ۽ سچي نيت سان گهرو، اچو! اسان ملي ڪري اميراهلسنت جون گهريل دعائون عرض ڪريون ٿا:۔

یا خدا میری مغفرت فرما                                                  باغِ فردوس مرحمت فرما

دین اسلام پر مجھے یا رب                                                 استقامت تو مرحمت فرما

مصطفے کا وسیلہ توبہ پر                                                       تو عنایت مداومت فرما