Book Name:Sharm-o-Haya Kisy Kehty Hen
شرم و حيا جو پيڪر بڻجڻ لڳو۔ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ڇا ته خوب فرمائن ٿا:
نیچی نظروں کی شرم وحیا پر دُرُود
اونچی بِینی کی رِفعت پہ لاکھوں سلام
(حدائقِ بخشش، ص۳۰۱)
هن مان اسان کي به اهو درس مليو ته جيڪڏهن اسان پنهنجي گھر ۾ شرم و حيا جو ماحول بنائڻ چاهيون ٿا ته پهريان اسان کي خود پنهنجي اندر شرم وحيا پيدا ڪرڻي پوندي۔ ٭ جيڪڏهن اسان جي خواهش آهي ته اسان جا گھر وارا بي پردگي کان بچن ته پهريان اسان کي پاڻ حيا جو پيڪر بڻڻو پوندو۔ ٭ جيڪڏهن اسان اهو چاهيون ٿا ته اسان جا گھر وارا فلمن ۽ ڊرامن جي حيا سوز منظرن کان بچن ته پهريان اسان کي پاڻ فلمن ڊرامن جو بائيڪاٽ ڪرڻو پوندو۔ ٭ جيڪڏهن اسان اهو چاهيون ٿا ته اسان جا گھر وارا محرم ۽ غير محرم جي پردي کي يقيني بڻائن ته پهريان اسان کي پاڻ ان جي پاسداري ڪرڻي پوندي۔ ٭ جيڪڏهن اسان اهو چاهيون ٿا ته اسان جي گھر ۾ اهڙو لباس نه پاتو وڃي جيڪو شرم و حيا جي خلاف آهي ته پهريان اسان کي به اهڙن لباسن کي ڇڏڻو پوندو۔ ٭ جيڪڏهن اسان اهو چاهيون ٿا ته اسان جي گھر ۾ ڪا اهڙي ڳالھ نه ٿئي جيڪا شرم وحيا جي خلاف هجي ته پهريان اسان کي پاڻ به فحش ۽ بي حيائي واري گفتگو کان بچڻو پوندو۔ ٭ جيڪڏهن اسان جي اها خواهش آهي ته اسان جا گھر وارا نگاهون جهڪائڻ وارا بڻجن ته پهريان اسان کي نگاهون جھڪائڻ جي عادت بنائڻي پوندي۔ ٭ جيڪڏهن اسان جي اها خواهش آهي ته اسان جا گھر وارا گانا ٻڌڻ ٻڌائڻ کان بچن ته پهريان اسان کي گانن باجن کان پنهنجي نفرت ظاهر ڪرڻي پوندي۔ ٭ جيڪڏهن اسان جي اها خواهش آهي ته اسان جا گھر وارا پارڪن، شاپنگ سينٽرز ۽ بازارن ۾ بي پرده نه گُھمن ته اسان کي پاڻ به ان کان پري رهڻو پوندو۔ ٭ جيڪڏهن اسان جي اها خواهش آهي ته