Sharm-o-Haya Kisy Kehty Hen

Book Name:Sharm-o-Haya Kisy Kehty Hen

اسان جا گھر وارا بازاري گفتگو کان بچندي مهذب زبان جو استعمال ڪن ته پهريان اسان کي پاڻ ان تي عمل ڪرڻو پوندو۔ ٭ جيڪڏهن اسان اهو چاهيون ٿا ته اسان جا گھر وارا مخلوق کان به شرم و حيا ڪن ۽ خود خالقِ ڪائنات کان به شرم و حيا ڪن ته پهريان اسان کي پاڻ اهو وصف پنهنجي اندر پيدا ڪرڻو پوندو۔ ان ڪري اسان کي گھرجي ته پنهنجي گھراڻي کي مڪمل باحيا بنائڻ جي ڪوشش ڪريون، ۽ ان جي لاءِ اسان کي حيا وارو ماحول پيدا ڪرڻو پوندو۔ اميرِ اهل سنت، حضرتِ علامه مولانا محمد الياس عطّارقادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ فرمائن ٿا: حياء جي نشوونما ۾ ماحول ۽ تربيّت جو وڏو عمل دخل آهي۔ حياء وارو ماحول مُيسّر ٿيڻ جي صورت ۾ حياء اڃان وڌيڪ چمڪي پوندو آهي۔ جڏهن ته بي حياء ماڻهن جي صحبت دل ۽ نگاهه جي پاڪيزگي ختم ڪري، بي شرم ڪري ڇڏيندي آهي ۽ ٻانهو بيشمار غير اخلاقي ۽ ناجائز ڪمن ۾ مبتلا ٿي پوندو آهي۔ انڪري جو اهو حياء ئي ته هو جيڪو برائين ۽ گناهن کان روڪيندو هو، جڏهن حياء ئي نه رهيو ته هاڻي برائي کان ڪير روڪي؟ گھڻا ماڻهو ته اهڙا هوندا آهن، جيڪي بدنامي جي ڊپ کان شرمائي، برايون ناهن ڪندا، پر جن کي نيڪ نامي ۽ بدنامي جي پرواهه ناهي هوندي، اهڙا بي حياء ماڻهو هر گناهه ڪري ويهندا آهن، اخلاقيات جون حدون پار ڪري، بداخلاقي جي ميدان ۾ لهي پوندا آهن ۽ انسانيت کان به ڪريل ڪم ڪرڻ ۾ شرم  محسوس ناهن ڪندا۔

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي گھرجي ته شرم و حيا کي وڌائڻ جي لاءِ شرم و حيا وارو ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون۔ هن جو هڪ طريقو اهو به آهي ته گھر ۾ اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون جو جنهن جي برڪت سان گهر جا سڀئي فرد ان جون برڪتون حاصل ڪري سگهن۔ حڪمتِ عملي سان گڏ گھر ۾ درسِ فيضانِ سنت جو انتظام ڪريون ۽ وقت بوقت گھر وارن کي شرم و حيا تي اڀارڻ وارا واقعا ٻڌايون۔ مدني انعامات جي رسالي جي آخر ۾ امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي طرفان ڏنل”گهر ۾