Sharm-o-Haya Kisy Kehty Hen

Book Name:Sharm-o-Haya Kisy Kehty Hen

معمول بڻائيندا هئا۔ اسان کي به هن عادت کي اپنائڻ گھرجي۔ افسوس! اڄ اسان فضول ڪمن ۾ وقت برباد ڪندا آهيون بلڪ بعض نادان ته گناهن ڀري ڪمن ۾ به پئجي، وقت ۽ آخرت برباد ڪندا آهن پر مسجد ۾ وقت گذارڻ جي لاءِ ٽائيم ناهي ملندو۔ ٭ اڄ هڪ تعداد آهي جيڪو موبائل تي سوشل ميڊيا استعمال ڪندي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ضايع ڪندو آهي پر ان کي مسجد ۾ اچڻ لاءِ ٽائيم ناهي ملندو۔ ٭ اڄ هڪ تعداد آهي جيڪو بسترن تي ليٽي ريموٽ هٿ ۾ پڪڙي ڪيئي ڪيئي ڪلاڪ ٽي وي ڏسڻ ۾ گذاري ڇڏيندو آهي پر مسجد ۾ وقت گذارڻ جو ٽائيم ناهي ملندو۔ ٭ اڄ هڪ تعداد آهي جيڪو روزانو فٽ بال، ڪرڪيٽ، هاڪي ۽ اهڙيون ٻيون رانديون کيڏڻ جي لاءِ دلجمعي سان وقت ڪڍندو آهي پر مسجد ۾ وقت گذارڻ جو ٽائيم ناهي ملندو۔ ٭ اڄ هڪ تعداد آهي جيڪو لائنون ٺاهي سنيما جون مهانگيون ٽڪٽون خريدي گناهن ڀريا پروگرام ڏسڻ جي لاءِ وقت ڪڍي وٺندو آهي پر مسجد ۾ وقت گذارڻ جو ٽائيم ناهي ملندو۔ ٭ اڄ هڪ تعداد آهي جيڪو دوستن، يارن، رشتيدارن ۽ ٻين سان گڏ سڄي دنيا جي موضوعن تي ڪلاڪين خيالن جي ڏي وٺ ۽ گپ شپ ۾ گذاريندو آهي پر مسجد ۾ وقت گذارڻ جو ٽائيم ناهي ملندو۔ ٭ اڄ هڪ تعداد آهي جيڪو ملڪي سياست هجي يا بين الاقوامي سياست، داخلي معاملا هجن يا خارجي معاملا، سياسي شخصيتون هجن يا سماجي، انهن تمام معاملن تي اهڙا تبصرا ڪندا آهن جو وقت گذرڻ جو انهن کي احساس تائين ناهي ٿيندو پر مسجد ۾ وقت گذارڻ جو ٽائيم ناهي ملندو۔ جڏهن ته مسجدن کي آباد رکڻ، انهن سان تعلق رکڻ، انهن ۾ عبادت ڪندي وقت گذارڻ وڏي سعادت جي ڪمن مان آهي۔ قرآنِ پاڪ ۾ به مسجدن کي آباد ڪرڻ جي ترغيب ڏياري وئي آهي۔ جيئن ارشادِ باري تعاليٰ آهي: