Sharm-o-Haya Kisy Kehty Hen

Book Name:Sharm-o-Haya Kisy Kehty Hen

اِنَّمَا یَعْمُرُ مَسٰجِدَ اللّٰهِ مَنْ اٰمَنَ بِاللّٰهِ وَ الْیَوْمِ الْاٰخِرِ وَ اَقَامَ الصَّلٰوةَ وَ اٰتَى الزَّكٰوةَ وَ لَمْ یَخْشَ اِلَّا اللّٰهَ فَعَسٰۤى اُولٰٓىٕكَ اَنْ یَّكُوْنُوْا مِنَ الْمُهْتَدِیْنَ(۱۸) (پ ۱۰ ،التوبہ :۱۸)                                 

ترجمو ڪنزالايمان: الله جُون مسجدُون ته فقط اُهي ئِي آباد ڪندا آهِن جيڪِي الله ۽ قِيامَت تي اِيمان رکن (ٿا). ۽ نماز قائم رکندا آهن ۽ زڪوٰة ڏيندا آهن ۽ الله کان سواءِ ڪنهن کان نه ڊڄندا آهن پوءِ قريب آهي جو اهي ماڻهو هدايت وارن مان هجن.

اچو! مسجدن سان محبت ڪرڻ ۽ انهن ۾ ايندڙ ويندڙ جي فضيلتن بابت ٻه فرمانِ مصطفيٰ ٻڌون ٿا:

   ارشاد فرمايائون: جڏهن ڪو ٻانهو ذِڪر ۽ نَماز جي لاءِ مسجد کي ٺڪاڻو بڻائيندو آهي ته الله پاڪ ان کان اهڙو خوش ٿيندو آهي جيئن ماڻهو پنهنجي گمشده شخص جي پاڻ وٽ موٽڻ تي خوش ٿيندا آهن۔ (ابن ماجہ،کتا ب المساجد والجماعات ،با ب لزوم المساجد، ۱/۴۳۸، حدیث:۸۰۰)

   ارشاد فرمايائون: جيڪو مسجد کان مَحَبَّت ڪري ٿو الله پاڪ ان کي پنهنجو محبوب بڻائي ٿو۔ (مجمع الزوائد ،کتاب الصلوۃ ،با ب لزوم المساجد ،۲/ ۱۳۵، حديث:۲۰۳۱)

اَمِيرِ اهلسنّت، حضرت ِ علّامه ابو بلال محمد الياس عطّار قادِري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ ڪيتري پياري دعا ڪن ٿا:

طالبِ مغفرت ہوں یااللہ                          بخش حیدر کا واسطہ یاربّ!

کاش! عادت فضول باتوں کی                        دُور ہو از پئے رضا یاربّ!

واسطہ میرے پیر و مرشد کا                          مجھ کو تُو متقی بنا یاربّ!

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

          پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! عبادت گذار نوجوان جي ايمان افروز حڪايت اسان ٻڌي، هن مان اها ڳالھ به معلوم ٿي ته مرڻ واري جي قبر تي وڃڻ بلڪل جائز آهي، تڏهن ته اَمِيرُالمؤمنين حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنْه ان نوجوان جي قبر تي