Jannat ke Qeemat

Book Name:Jannat ke Qeemat

جنت ۾ ڀاءُ کان اڳ ۾ نه وڃڻ جي تمنا

حضرت سيدنا ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: ڪنهن مسلمان لاءِ جائز ناهي ته اهو پنهنجي ڀاءُ سان ٽن(3) راتن کان وڌيڪ قطع تعلقي ڪري ۽ صلح ۾ اڳرائي ڪرڻ وارو جنت ۾ پهريان داخل ٿيندو. حضرت ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: مونکي خبر پئي ته حضرت سيدنا امام حسن ۽ امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْهما جي درميان ڪنهن معاملي جي ڪري ڳالھ ٻولھ ختم ٿئي وئي آهي ته مون حضرت سيدنا امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْه  جن کي عرض ڪيو؛ ماڻهو اوهان ٻنهي کي پنهجو پيشوا سمجهن ٿا. اوهان پاڻ ۾ قطع تعلقي نه ڪيو. پنهنجي ڀاءُ وٽ وڃي ان سان ڳالھ ٻولھ شروع ڪيو، ڇوته اوهان ان کان عمر ۾ ننڍا آهيو. ان تي حضرت امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْه  فرمايو: جيڪڏهن مون رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو اهو فرمان نه ٻڌو هجي ته” صلح ۾ اڳرائي ڪرڻ وارو جنت ۾ اڳ ۾ ويندو“ ته مان ضرور انهن جي خدمت ۾ حاضر ٿيان ها پر مان اهو پسند نٿو ڪريان ته ان کان پهريان جنت ۾ وڃان. حضرت ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا ته (حضرت امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْه جا اهي مخلصانه جذبات ٻڌي ڪري) مان حضرت امام حسن رَضِىَ اللهُ عَنْه ڏانهن ويس ۽ انهن کي سمورو واقعو ٻڌايم ته حضرت حسن رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمايو: ”صَدَقَ اَخِيۡ“يعني منهنجي ڀاءَ سچ چيو“ پوءِ پاڻ اٿيا ۽ پنهنجي ڀاءُ حضرت امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْه وٽ اچي ان سان گفتگو ڪيائون ۽ ٻنهي ڀائرن جي درميان صلح ٿئي وئي. (ذخائر العقبى ،الباب التاسع فی ذکر الحسن ولحسین،ذكر فضيلة یشترکان فیہ،ص۲۳۸ )

 پيارا پيارا اسلامي ڀائرو: امام حسن ۽ امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْهما واري حڪايت ۾ اسان جي سکڻ لاءِ گهڻو ڪجھ آهي.

اسان صلح ڇو نٿا ڪريون

اسان غور ڪيون! اسان صلح جي طرف قدم ڇونٿا وڌايون، صلح ۾ اڳرائي ڪرڻ جو ذهن ڇونٿو بڻجي؟ ڇا ڪٿي پنهنجي شان ۾ گهٽتائي ته سمجهي ويٺا آهيون،