Jannat ke Qeemat

Book Name:Jannat ke Qeemat

سامهون وارو صلح لاءِ هٿ وڌائي رهيو هجي ۽ اسان جو موڊ خراب هئڻ جي  ڪري اسان جا هٿ پوئتي وڃي رهيا هجن يعني صلح جي طرف نه وڌن، ائين ڪرڻ مناسب نه آهي. اسان الله پاڪ جي رضا ۽ ثواب لاءِ همت ڪريون ۽ ثواب ڪمائڻ جي هن موقعي کي هٿان نه وڃڻ ڏيون. حضور اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو شان ڪيترو بلند ۽ عظيم آهي، منهنجي ڪريم آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هڪ موقعي تي پنهنجي غلامن جي ڪهڙي پياري انداز ۾ تربيت فرمائي: اچو! توجھ سان ٻڌو! اسان جي جان کان پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  وفاتِ ظاهري جي وقت اجتماعِ عام ۾ اعلان فرمايو:” جيڪڏهن منهنجي ذمي ڪنهن جو قرض هجي. جيڪڏهن مون ڪنهن جي جان ۽ مال ۽ عزت کي صدمو پهچايو هجي ته منهنجي جان ۽ مال حاضر آهي،” هن دنيا ۾ بدلو وٺي ڇڏي.“ توهان مان ڪوئي اهو انديشو نه ڪري ته جيڪڏهن ڪنهن مونکان بدلو ورتو ته مان ناراض ٿي ويندس اهو منهنجو شان ناهي. مونکي اهو ڪم ڏاڍو پسند آهي ته جيڪڏهن ڪنهن جو حق منهنجي ذمي آهي ته اهو مونکان وصول ڪري وٺي. يا مونکي معاف ڪري ڇڏي. پوءِ فرمايائون؛ اي انسانو! جنهن شخص تي ڪو حق هجي ان کي گهرجي ته اهو ادا ڪري ۽ اهو خيال نه ڪري ته رسوائي ٿيندي انڪري جو دنيا جي رسوائي آخرت جي رسوائي کان تمام آسان آهي. (تاریخ دِمشق لابن عساکِر ج 48 ص ۳۲۳ مُلَخَّصاً)

صلح جا آداب

صلح جي آداب مان اهو به آهي ته صلح جي وقت حيثيت جي مطابق ڪو تحفو ڏنو وڃي. ملاقات ۾ اڳرائي ڪئي وڃي. جيڪڏهن ڪٿي رستي ۾ ملاقات ٿئي وڃي ته ته هٿ ملائڻ ۽ ڳلي لڳائڻ ۾ اڳرائي ڪرڻ گهرجي. انهيءَ طرح صلح جي طريقن ۾ اهو به آهي ته جنهن سان صلح ڪرڻي آهي ان جي گهر هليا وڃو، مسڪرائي ڪري ملو ۽ نهايت نرمي سان محبت ڀريون ڳالهيون ڪيون وڃن.

 الله پاڪ شريعت جي حدود ۾ رهندي اسان کي مسلمانن جي وچ ۾ صلح ڪرائڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ