Jannat ke Qeemat

Book Name:Jannat ke Qeemat

ہر کام شریعت کے مطابق میں کروں کاش!

یاربّ تُو مبلّغ مجھے سنّت کا بنا دے

(وسائل بخشش مُرمَّم، ص۱۱۵)

 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

اي عاشقانِ رسول! اسان جنتي محل جي قيمت جي باري ۾ ٻڌي رهيا هئاسين۔ اچو! جنهن جنت جي باري ۾ اسان ٻڌي رهيا هئاسين انهيء جنت جون ڪجھ ايمان افروز جھلڪيون ملاحظه ڪريو،

جنّت جون جھلڪيون

اميرِاهلِ سنت حضرت علامه مولانا محمدالياس عطار قادري دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه پنهنجي مشهورِ زمانه ڪتاب ”فيضانِ سنت“ ٻي جلد جي باب”غيبت جون تباھ ڪاريون“ جي صفحي نمبر 98 تي لکن ٿا: ٭ جيڪڏهن جنّت جي ڪا ننهن برابر شيء دنيا ۾ظاهر ٿئي ته تمام آسمان ۽ زمين ان سان سينگارجي وڃن ۽ ٭ جيڪڏهن جنّتيءَ جو ڪنگڻ ظاهر ٿئي ته سج جي روشني ختم ڪري ڇڏي، جيئن سج تارن جي روشنيءَ کي ختم ڪندو آهي ۽ ٭ جنّت جي ايتري جڳهه جنهن ۾ چَهَبُڪ رکي سگهون دنيا ۽ ان جي اندر جيڪو ڪجهه آهي ان کان بهتر آهي ٭ جنّت جون ڀِتيون سون ۽ چانديء جي سرن ۽ مشڪ جي گاري مان ٺهيل آهن. ٭ جنّتين کي جنّت ۾ هر قسم جا ذائقيدار ۽ مزيدار کاڌا ملندا ٭ جيڪو چاهيندا يڪدم انهن جي سامهون موجود هوندو ٭ جيڪڏهن ڪنهن پـکيءَ کي ڏسي ان جي گوشت کائڻ جي دل چوندي ته انـهيءَ وقت ڀُڳَل پکي انهن وٽ ايندو ٭ جيڪڏهن پاڻي وغيره جي خواهش ٿئي ته ڪوزا پاڻ ئي هٿ ۾ اچي ويندا انهن ۾ ٺيڪ اندازي جي مطابق پاڻي،کير، شراب ۽ ماکي هوندي جيڪا انهن جي خواهشن کان هڪ قطرو به نه گهٽ نه وڌ  ٭پيئڻ کان پوءِ پاڻ