Jannat ke Qeemat

Book Name:Jannat ke Qeemat

ئي جتان آيا هئا اتي هليا ويندا  ٭اتي جو شراب دنيا جهڙو ناهي جنهن ۾ بدبو ۽ ڪوڙاڻ ۽ نشو هوندو آهي ۽ پيئڻ وارا بي عقل ٿي ويندا آهن ۽ بيحد غصي ۾ اچي (هوش مان نڪري خراب ڳالهائيندا آهن، اهو پاڪ شراب انهن سڀني ڳالهين کان پاڪ ۽ مُنَّزه آهي ٭ اتي نجاست، گندگي، پاخاني، پيشاب، ٿڪ، نڪ جي غِلاظت، ڪن جي مير ٭ بدن جو مير ۽ اِحتلام (بلڪل) نه ٿيندو ٭ هڪ خوشبودار فَرحَت بخش اوڳرائي ايندي، خوشبودار فرحت بخش پگھر نڪرندو ٭ سڄو کاڌو هضم ٿي ويندو ٭ اوڳرائي ۽ پگهر مان مُشڪ جي خوشبو نڪرندي هر وقت زبان مان تَسبيح ۽ تڪبير ارادي ۽  بغير ارادي جي ساهه وانگر جاري هوندي ٭ گهٽ ۾ گهٽ هر شخص جي سيرانديءَ واري پاسي ڏانهن ڏهه هزار خادم بيٺل هوندا ٭ خادمن ۾ هر هڪ خادم جي هٿ ۾ چانديءَ جو پيالو هوندو ۽ ٻئي هٿ ۾ سون جو، ۽ هر پيالي ۾ نئين نئين رنگ جي نعمت هوندي. ٭ جيترو کائيندو ذائقي ۾ گهٽتائي نه ايندي پر زيادتي ٿيندي هر گرھ ۾ 70 مزا هوندا هر مزو ٻئي کان جدا هوندو اهي مزا هڪ ئي وقت محسوس ٿيندا هڪ جو احساس ٻئي کان روڪڻ وارو نه هوندو. جنّتين جا نه ڪپڙا پراڻا ٿيندا نه جواني فنا ٿيندي. جيڪڏهن جنّت جو ڪپڙو دنيا ۾ پاتو وڃي ته جيڪو ڏسي، بيهوش ٿي وڃي ۽ ماڻهن جو نظرون ان کي برداشت ڪري نه سگهن.  ٭ جيڪڏهن ڪا حور سمنڊ ۾ ٿُڪ اڇلائي ته ان جي ٿڪ جي مٺاڻ جي ڪري سمنڊ مٺا ٿي وڃن، ۽ هڪ روايت ۾ آهي جيڪڏهن جنّت جي عورت ست سمنڊن ۾ ٿڪ اڇلائي ته اهي ماکيءَ کان به وڌيڪ مٺا ٿي ويندا ٭ مٿي جي وارن ۽ پنبڻن ۽ ڀِرُن کان سواءِ جنّتي جي بدن تي ڪٿي به وار نه هونـدا. ٭ سڀ بي ريش (نوجوان) هوندا سرمو پاتل اکيون ۽ 30سالن جا لڳندا ڪڏهن ان کان وڌيڪ نه لڳــندا. ٭ پوءِ ماڻهو الله پاڪ جي حڪم سان هڪ بازار ۾ ويندا جنهن ۾ چوڌاري ملائڪ هوندا ان ۾اهي شيون هونديون جنهن جي مثل نه اکين ڏٺو نه ڪنن ٻڌو ۽ نه دلين ۾ انهن جو خيال گذريو هوندو، انهن مان جيڪي شيء چاهيندا انهن کي ملندي ۽ خريد و فروخت نه هوندو