Jannat ke Qeemat

Book Name:Jannat ke Qeemat

جنّتي ان بازار ۾ هڪ ٻئي سان ملنداـ ننڍي مرتبي وارو وڏي مرتبي واري کي ڏسندو ان جو لباس پسند ڪندو ۽ اڃان گفتگو ختم ئي نه ٿيندي ته هو خيال ڪندو ته منهنجو لباس ان کان سٺو آهي ۽ هي انڪري ته جنّت ۾ ڪنهن جي لاءِ به ڏک ناهي. ٭ جنّتي پاڻ ۾ ملڻ چاهيندا ته هڪ جو تخت ٻئي وٽ هليو ويندو. ۽ انهن ۾ الله پاڪ وٽ سڀ کان مُعَزَّز اهو هوندو. ٭ جيڪو الله ڪريم جي   جي ديدار سان هر صبح ۽ شام جو مُشَرَّف ٿيندو. ٭ جڏهن جنّتي جنّت ۾ ويندا الله ڪريم انهن کي فرمائيندو ڪجهه ٻيو گهرو ٿا جيڪو توهان کي ڏيان؟ عرض ڪندا. ته اسان جا منهن روشن ڪيا، جنّت ۾ داخل ڪيو، جهنّم کان نجات ڏني. ٭ ان وقت پردو جيڪو مخلوق تي هيو هٽي ويندو ته ديدارِ اِلاهِيءَ کان وڌيڪ انهن کي ڪابه شيء نه ملندي۔

بلا حساب ہو جنّت میں داخلہ یارب                   پڑوس خلد میں سرور کا ہوعطا یارب

(وسائلِ بخشش مُرمَّم، ص۸۲)

 صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

سُبْحٰنَ اللّٰه! ٻڌو اوهان! جنت ڪيتري حسين ۽ دلڪش آهي ۽ ربِّ ڪريم ان ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون عظيمُ الشان نعمتون رکيون آهن، لهٰذا جيڪڏهن اسان به جنت جي انهن عظيم الشان نعمتن مان حصو ماڻڻ چاهيون ٿا، جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا ته اسان جو آخري ٺڪاڻو جنت ٿئي ته اسان کي زندگي ۾ ئي جنت ۾ وٺي وڃڻ وارا عمل ڪرڻا پوندا۔ هڪ عمل ته اوهان ٻڌو ته صلح ڪرائڻ جنت ۾ وٺي وڃڻ وارو عمل آهي ۔ وڌيڪ ڪجھ جنت ۾ وٺي وڃڻ وارن عملن جي باري ۾ ٻڌون ٿا۔ هتي اها ڳالھ ذهن نشين رهي ته جنت ۾ وڃڻ لاءِ ايمان آڻڻ سان گڏوگڏ چڱا عملن جو به هئڻ تمام ضروري آهي. قرآنِ ڪريم ۾ تقريباً 56 کان وڌيڪ جڳهن تي نيڪ ۽ چڱن عملن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ڪجھ سٺا عمل ملاحظه ڪيو: نماز پڙهڻ. روزو رکڻ. زڪوات ڏيڻ. حج ڪرڻ. نفلن جي ڪثرت ڪرڻ. سچ ڳالهائڻ. مسلمانن کي کاڌو کارائڻ. علم