Jannat ke Qeemat

Book Name:Jannat ke Qeemat

دين سکڻ. نيڪي جو حڪم ڏيڻ. برائي کان منع ڪرڻ. هڪٻئي جا حقوق ادا ڪرڻ.

تعزيت ڪرڻ

تعزيت ڪرڻ يعني مصيبت زده انسان کي صبر جي تلقين ڪرڻ هڪ نهايت ئي پيارو ۽ جنت ۾ وٺي وڃڻ وارو عمل آهي،

حضرتِ جابررَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي ته رسولِ ڪريمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: جيڪو ڪنهن غم زده شخص کان تعزيت (يعني ان جي غم خواري) ڪندو الله پاڪ ان کي تقويٰ جو لباس پارائيندو ۽ روحن جي وچ ۾ ان جي روح تي رحمت فرمائيندو ۽ جيڪو ڪنهن مصيبت زده سان تعزيت ڪندو الله پاڪ ان کي جنت جي جوڙن مان ٻه اهڙا جوڙا پارائيندوو جن جي قيمت (سڄي) دنيا به نٿي ٿي سگھي۔ (معجمِ اوسط،۶/۴۲۹ ،حدیث:۹۲۹۲)

تنهنڪري اسان کي گھرجي ته اسان به مسلمانن سان تعزيت ڪري جنت ۾ وٺي وڃڻ واري هن عمل کي اپنايون ۽ ان جون برڪتون ماڻيون۔ اچو! هن باري ۾ سيرتِ اميرِاهلِسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو هڪ ايمان تازو ڪندڙ واقعو ٻڌون ٿا، جئين

رُٺل پَرچي ويو

اميرِ اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ ارشاد فرمائن ٿا: ڪڏهن ڪڏهن غمخواري ۽ تعزيت جا ثمرات دنيا ۾ به نظر ايندا آهن، جيئن هي انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي جن ڏينهن ۾ نُور مسجد ڪاغذي بازار بابُ المدينه ڪراچي ۾ منهنجي امامت هئي، هڪ اسلامي ڀاءُ پهريان منهنجي قريب تر هو ۽ پوءِ ڪجهه پري پري رهڻ لڳو، پر مون کي اندازو نه هو۔ هڪ ڏينهن فجر کان پوءِ مون کي انهن جي والد صاحب جي لاڏاڻي جي خبر ملي، آئون يڪدم سندن گهر پهتس، اڃان ميّت کي غسل به نه ڏنو ويو هو، دعا فاتحه ڪئي ۽ موٽي آيس، جنازي نماز ۾ شريڪ ٿي قبرستان گڏ ويس ۽ تدفين ۾ به اڳيان اڳيان رهيس۔ اُن جا فائدا تصور کان به