Jannat ke Qeemat

Book Name:Jannat ke Qeemat

ڪندي هر اسلامي مهيني جي پهرين تاريخ تي پنهنجي هِتان جي ذميدار کي مدني انعامات جو رسالو جمع ڪرائڻ به آهي.

مدني انعامات ايپ (Application)  جو تعارف

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! مدني انعامات تي عمل ڪري هن جو محاسبو ڪرڻ هاڻي اڃان به آسان ٿي ويو آهي. الحمدلله دعوتِ اسلامي جي مجلس آءِ ٽي(I.T) هڪ ايپ مدني انعامات جي نالي سان متعارف ڪرائي آهي. هن جي ذريعي اوهان جڏهن چاهيو پنهنجي موبائل جي مدد سان روزانو محاسبو ڪري سگهو ٿا. هن سان گڏوگڏ پُويَن مهينن جي مدني انعامات جي ڪارڪردگي ڏسڻ جي سهولت به هن ايپليڪيشن ۾ موجود آهي. مدني انعامات تي عمل ۾ ڪيتري بهتري آئي ان کي به ملاحظه ڪري سگهجي ٿو. اڄ ئي پنهنجي موبائل ۾ اها ايپليڪيشن انسٽال ڪيو ۽ مدني انعامات تي عمل ڪري پنهنجي آخرت کي بهتر بڻايو.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

ترڪِ جنت ترڪِ دنيا کان وڌيڪ مشڪل آهي

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جنت ۾ وٺي وڃڻ وارن عملن بابت ٻڌي رهيا هئاسين۔ ياد رکو! زندگي گذارڻ جي لاءِ اسان دُنياوي معاملات سان جڙيل آهيون، پر اسان ۾ ۽ الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن ۾ فرق آهي، جڏهن ته اهي به کائن پين ٿا ۽ اسان به کائون پيون ٿا، اهي به سمهن ٿا ۽ اسان به سمهون ٿا، اهي به نڪاح ڪن ٿا ۽ اسان به نڪاح ڪريون ٿا. پر اهي هي سڀ ڪم الله پاڪ جي رضا لاءِ سٺين سٺين نيتن سان ڪندا ها ۽ اسان صرف پنهنجي دنيا سنوارڻ لاءِ ڪيون ٿا. انهن جا اهي سڀئي ڪم آخرت سنوارڻ لاءِ هئا ۽ اسان جا اهي سڀئي ڪم دنيا سنوارڻ لاءِ آهن. ياد رکو اهي دنياوي معاملات، دين کان الڳ ناهن پر انهن ئي کي سڀ ڪجھ سمجهڻ، اهو ضرور ديني معاملات کان الڳ هئڻ آهي.