Jannat ke Qeemat

Book Name:Jannat ke Qeemat

جنت ۾ ڪير ويندو؟

الله پاڪ جي فضل سان جنت ۾ اهو ويندو جنهن الله ڪريم کي راضي ڪيو هوندو، الله پاڪ جي فضل سان  جنت ۾ اهو ويندو جيڪو رسولِ پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سنتن جو ديوانو هوندو، الله پاڪ جي فضل سان جنت ۾ اهو ويندو جنهن نيڪ عمل ڪيا هوندا، الله پاڪ جي فضل سان جنت ۾ اهو ويندو جنهن جي دل محبتِ صحابه و اهلِ بيت رَضِىَ اللهُ عَنْهم اجمعين سان معمور هوندي، الله پاڪ جي فضل سان جنت ۾ اهو ويندو جنهن کي اولياءِ ڪرام رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡهم اَجْمَعِين سان سچي عقيدت ۽ محبت هوندي، الله پاڪ جي فضل سان جنت ۾ اهو ويندو جنهن جي دل ۾ خوفِ خدا هوندو، الله پاڪ جي فضل سان  جنت ۾ اهو ويندو جنهن پنهنجي عضوئن کي گناهن کان بچايو هوندو، الله پاڪ جي فضل سان جنت ۾ اهو ويندو جنهن شريعت جي احڪامن جي بجا آوري ڪئي هوندي، الله پاڪ جي فضل سان جنت ۾ اهو ويندو جنهن الله ڪريم ۽ ٻانهن جا حق ادا ڪيا هوندا،  

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

 نماز جي اَهمِّيت

 جنت ۾ وٺي وڃڻ وارن عملن مان هڪ اهم ترين عمل پنج وقت جي نماز ادا ڪرڻ به آهي۔ اَلْحَمْدُلِلّٰه ٭ نَماز هڪ عَظِيم عِبادَت آهي، ٭ نماز جنَّت ۾ وٺي وڃڻ وارو عمل آهي، ٭ نَماز مومن جي لاءِ بهترين عمل آهي، ٭ نماز نُور آهي، ٭ ٻه رَڪعت نماز پڙهڻ دنيا ۽ جيڪو ڪجھ هن ۾ آهي سڀ کان بهتر آهي، ٭ نماز الله پاڪ وٽ پسنديده عمل آهي، ٭ نَماز ۾ هر سجدي جي بدلي هڪ نيڪي لکي ويندي آهي، ٭ هڪ گُناھ مِٽايو ويندو ۽ هڪ دَرَجو بُلند ڪيو ويندو آهي، ٭ نَماز سان گُناھ ڇڻي پوندا آهن، ٭ نَماز گُناهن جي مِيۡر کي ڌوئي ڇڏيندي آهي، ٭ هڪ نَماز اڳ واري نَماز جي وچ ۾ ٿيندڙ گناهن کي ختم ڪندي آهي، ٭ نمَاز بُرائين کي مِٽائيندي آهي، ٭ نَماز، نَمازي جي لاءِ حِفَاظَت جي دعا ڪندي آهي، ٭ نماز، شيطان جو منهن ڪارو ڪندي آهي۔ ٭ نماز پڙھڻ