Jannat ke Qeemat

Book Name:Jannat ke Qeemat

وارو خَير سان رات گُذاريندو آهي، ٭ نماز پڙھڻ وارو بروزِ قيامت سَلامتي سان جنَّت ۾ داخل ڪيو ويندو، ٭ نماز پڙھڻ واري جي لاءِ مَعصوم ملائڪ رَبّ جي بارگاھ ۾ مَغفِرت جي سِفارش ڪندا آهن، ٭ نماز پڙھڻ وارو الله ڪريم جي حِفَاظَت ۾ رهندو آهي ٭ نماز پڙھڻ وارو ڪامل مومن آهي، ٭ نماز پڙھڻ واري کي پُورو پُورو بدلو ڏنو ويندو.

نماز جنت ۾ داخلا جو هڪ سبب آهي

مٺي نبي، مڪي مَدَني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: الله پاڪ ٻانهن تي پنج (5) نمازون فرض فرمايون آهن، جنهن انهن کي ادا ڪيو ۽ انهن جي حق کي معمولي سمجھندي انهن مان ڪنهن کي ضايع نه ڪيو ته الله پاڪ جي ذمهء ڪرم تي ان جي لاءِ واعدو آهي ته ان کي جنت ۾ داخل ڪري ڇڏي ۽ جنهن انهن کي ادا نه ڪيو ان جي لاءِ الله پاڪ جي ذمهء ڪرم تي عهد (واعدو) ناهي، چاهي ان کي عذاب ڏئي چاهي ان کي جنت ۾ داخل فرمائي. (ابوداود، کتاب الوتر، باب فیمن لم یوتر، ۲/۸۹، حدیث: ۱۴۲۰)

هڪ ٻي هنڌ تي ارشاد فرمايائون: جيڪو شخص صبح ۽ شام مسجد ۾ وڃي ته جيترا ڀيرا به ويندو، الله پاڪ ان جي لاءِ جنّت ۾ مهماني تيار فرمائيندو۔ (مسلم،کتاب المساجد... الخ، باب المشي الی الصلاۃ... الخ، ص ۲۶۳،حدیث۱۵۲۴)

نمازوں میں مجھے ہرگز نہ ہو سستی کبھی آقا

پڑھوں پانچوں نمازیں باجماعت یارسولَ اللہ

(وسائلِ بخشش مُرمَّم، ص۳۳۱)

سنت جي فضيلت

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن