Jannat ke Qeemat

Book Name:Jannat ke Qeemat

جڏهن ماڻهن چٺي پڙھي ورتي ته مون ان کي سندن جي سيني تي رکي ڇڏيو۔ ان چٺي ۾ هڪ خاص ڳالھ اها هئي جو جهڙي طرح لکت کي صفحي جي مٿانهون کان پڙهيو ويندو هو اهڙي طرح صفحي جي پويان کان به پڙھيو ويندو هو۔ مون پنهنجي والده ماجده کان پڇيو ته نانا سائين جو عمل ڪهڙو هو؟ اَمڙ سائڻ فرمايو: کانَ اَکثَرُ عَمَلِهٖ دَوَامُ الذِّکرِمَعَ کثْرَۃِ الصَّلٰوۃِ عَلَي النَّبِي، يعني انهن جو هي عمل هو ته هو هميشه ذِڪرُالله ڪرڻ سان گڏوگڏ دُرُودِپاڪ جي ڪثرت به ڪندا هئا۔ (سعادۃ الدارین، الباب الرابع ،اللطیفۃ السادسۃ والتسعون، ص۱۵۲

میری زبان تر رہے ذِکر و دُرُود  سے

بے جا ہنسوں کبھی نہ کروں گفتگو فضول

(وسائلِ بخشش مُرمّم،ص۲۴۳)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                         صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

 

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ: نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِهٖ  يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي. (المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942)

ٻه مدني گُل:  (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

      (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس ٭ صَـلُّـوا عَلَی الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـی الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان