Jannat ke Qeemat

Book Name:Jannat ke Qeemat

منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵)

سُنتیں عام کریں دین کا ہم کام کریں                             نیک ہوجائیں مسلمان مدینے والے

خوشبو جون سنتون ۽ آداب

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اچو! خوشبو جون سنتون ۽ آداب بابت ڪجھ مدني گل ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون ٿا۔ پهريان 2 فرمان مصطفي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ملاحظه ڪريو: (1) فرمايائون: مون کي توهان جي دنيا مان ٽي شيون محبوب آهن: خوشبو، عورتون ۽ منهنجي اکين جي ٿڌاڻ نماز بڻائي وئي۔ (نسائی، کتاب عشرۃ النسآء، باب حب النسآء،ص۶۴۴،حدیث:۳۹۴۵) (2) فرمايائون: چار شيون نبين جي سُنّت ۾ داخل آهن: نڪاح، مسواڪ، حياء ۽ خوشبو لڳائڻ۔ (مشکاۃ، کتاب الطہارۃ،باب السواک،۱/۸۸، حدیث:۳۸۲) ٭ رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ خوشبو جو تحفو نه موٽائيندا هئا۔ (سنتیں اور آداب ،ص۸۵) ٭ نماز جمعه جي لاءِ خوشبو لڳائڻ مستحب آهي. (بہار شریعت ۱/۷۷۴،حصہ ۴ملخصاً) ٭ نَماز ۾ ربّ سان مُناجات آهي ته ان جي لاءِ زينت ڪرڻ عطر لڳائڻ مُستَحب آهي۔ (نیکی کی دعوت ،ص۲۰۷) ٭ رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هميشه عمده خوشبو استعمال ڪندا هئا ۽ ان جي ٻين کي به تلقين ڪندا هئا۔ (سنتیں اور آداب ،ص۸۳)  ٭ ناخوشگوار بو يعني بد بو پاڻ ڪريمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ناپسند ڪندا هئا۔ (سنتیں اور آداب ،ص۸۳) ٭ مَردن کي پنهنجي لباس تي اهڙي خوشبو استعمال ڪرڻ گھرجي جنهن جي خوشبو ڦهلجي پر رنگ جا نشان وغيره نظر نه اچن۔ (سنتیں اور آداب ،ص۸۵) ٭ سرڪار مدينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ عادت هئي ته سر اقدس جي مبارڪ وارن ۽ ڏاڙهي مبارڪ ۾ ”مشڪ“ لڳائيندا هئا۔ (سنتیں اور آداب ،ص۸۳) ٭ ائيرفريشنر جي استعمال کان بچڻ گھرجي۔ (سنتیں اور آداب ،ص۸۴)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل