Jannat ke Qeemat

Book Name:Jannat ke Qeemat

جواب ڏيندس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ جي اسان جي بيان جو موضوع آهي”جنت جي قيمت“ جنتي محلات ڪنهن کي ملندا؟ صلح جي باري ۾ آيت ڪريمه ۽ فرامينِ رسول، جنت جون جھلڪيون، رُٺل شخص ڪيئن پرچي پيو، نيڪي جي دعوت ڏيڻ جا فائدا، جنت ۾ ڪير ڪير ويندو، ۽ صلح جا آداب ۽ فائدا ۽ ان کان علاوه ڪيئي نڪتا بيان ڪيا ويندا۔ اي ڪاش! اسان کي سڄو بيان سٺين سٺين نيتن سان ٻڌڻ نصيب ٿي وڃي۔ آمين

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

الله پاڪ صلح ڪرائيندو

حضرت سَيدُنا انس رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي: هڪ ڏينهن رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اسان سان گڏ تشريف فرما هئا۔ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اوچتو مُرڪيا، ايستائين سندن مبارڪ ڏند ظاهر ٿيڻ لڳا، اهو ڏسي حضرت سَيدُنا عمر فاروق اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه عرض ڪيو: يارَسُولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! توهان تي منهنجا ماءُ پيءُ قربان! توهان ڪهڙي سبب مرڪيا؟ ارشاد فرمايائون، منهنجا ٻه امّتي الله پاڪ جي بارگاھ ۾ گوڏن ڀـر ڪِري پوندا، هڪ عرض ڪندو، ياالله هن کان مون کي حق ڏياريو، هن مون تي ظلم ڪيو هو. الله پاڪ ٻئي کي ارشاد فرمائيندو، پنهنجي ڀاءُ جو حق ڏي، هو عرض ڪندو؛ اي منهنجا پروردگار! مون وٽ ته ڪا نيڪي ناهي بچي۔ الله ڪريم مطالبو ڪرڻ واري کي ارشاد فرمائيندو: توهان جي ڀاءُ وٽ ته ڪا نيڪي نه آهي هاڻي توهان هن کان ڇا چاهيو ٿا؟ هو چوندو؛ اي منهنجا پروردگار! منهنجا گناھ ان جي ذمي وجهي ڇڏ۔ ايترو فرمائڻ کان پوءِ نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ اکين مان لڙڪ وهڻ لڳا، پوءِ ارشاد